120

پسني ويجھو سيڪيورٽي فورسز تي حملو، ڪيپٽن ۽ سپاھي شھيد

پسني (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سامونڊي علائقي پسني ۾ دھشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ڪئپٽن ۽ سپاھي شھيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ دھشتگردن پسني جي ويجھو سيڪيورٽي فورسز تي آءِ اي ڊي مان حملو ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب دھشتگردن جي حملي ۾ ڪئپٽن عفان مسعود ۽ سپاھي بابر زمان شھيد ٿي ويا آھن، آءِ ايس پي آر موجب پسني جي ويجھو خدابخش بازار جي علائقي ۾ فورسز جو آپريشن جاري آھي، آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ دشمن عنصرن جي بزدل حملن سان بلوچستان جو امن سبوتار نٿو ٿي سگھي، بلوچستان جي امن کي خراب ٿيڻ نھ ڏينداسين، سيڪيورٽي فورسز دھشتگردن جي ناپاڪ ادارن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو