ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قطر پاڪستانين کي خوشخبري ٻڌائيندي ويزا آن ارائيول جي سهولت بحال ڪري ڇڏي، قطري حڪومت طرفان ان حوالي سان تحريري حڪم به جاري ڪيا ويا آهن ۽ نئين پاليسي به متعارف ڪرائي وئي آهي، نئين پاليسي موجب قطر ويندي ئي هاڻي پاڪستان کي ايئرپورٽ تي آن ارائيول ٽورسٽ ويزا ڏني ويندي، پاڪستاني شهرين لاءِ 6 مهينن تائين استعمال لائق پاسپورٽ ۽ ريٽرن ٽڪيٽ جو شرط هوندو، جڏهن ته آن ارائيول ٽورسٽ ويزا لاءِ 100 قطري ريال فيس ادا ڪرڻي پوندي، قطر ويندڙن جي ڪورونا ويڪسينيشن، ٻارن لاءِ پوليو ويڪسينيشن ضروري هوندي ۽ سفر ڪندڙن کي ڪورونا جي ناڪاري رپورٽ به گڏ آڻڻي پوندي، ان نار ملڪ ويندڙ پاڪستاني شهرين کي پنهنجا تفصيل آن لائن فراهم ڪرڻا پوندا.
187