اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مريم نواز جي تقرير تي شهباز گل جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي، شهباز گل چيو آهي ته جيڪو ٻين کي چوندو آهي اصل ۾ اهو پاڻ هوندو آهي، توهان بار بار چئي رهيا آهيو ته ڪشمير کي وڪرو ڪيو، ڪشمير کي توهان جي والد وڪرو ڪيو، پنهنجي رد عمل ۾ شهباز گل وڌيڪ چيو ته توهان پهرين ڏينهن کان ڪشميرين جي پيٽ ۾ ڇرا هڻي رهيا آهيون، مريم نواز چوي ٿي ته ان جي رڳن ۾ ڪشمير جو خون ڊوڙي رهيو آهي، رڳن ۾ جيڪو خون ڊوڙندو آهي اهو نظر ايندو آهي، شهباز گل جو چوڻ هو ته نواز شريف کي اقامي جي ڪري نه مامي جي ڪري ڪڍيو ويو، ماما اهو هو جنهن نواز شريف کي اپارٽمينٽ خريد ڪري ڏنا ۽ ثبوت نه ڏنا.
