174

بلوچستان ۾ طوفاني برسات ۽ تيز هوائن تباهي مچائي ڇڏي، ٻه ڄڻا فوت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ طوفاني برسات ۽ تيز هوائن تباهي مچائي ڇڏي، ٻه ڄڻا فوت، ان سلسلي ۾ بلوچستان ۾ طوفاني برسات ۽ تيز هوائن تباهي مچائي ڇڏي آهي، طوفاني برساتن دوران مختلف حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته دالبندين ۽ يڪ جي وچ ۾ ريلوي ٽريڪ تي گهارو پوڻ سبب پٽڙي ڪيترن ئي هنڌن تان اکڙي وئي، جڏهن ته ٽرين جا شيشا پڻ ٽٽي ويا، چاغي ۾ طوفاني برسات سبب پاڪ-ايران ريلوي ٽريڪ 21 هنڌن تان ٽٽي وئي، جنهن ڪري ٽرين سروس پڻ معطل ٿي وئي، موسميات کاتي موجب ضلعي ڪوهلو ۾ سڀ کان وڌيڪ 49 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو