113

ٿر جوالا مکي بڻجي ٻري رهيو آهي

ليکڪ: نياز مسرور بدوي

ٿر سنڌ جو هڪ اهڙو سورائتو علائقو آهي، جنهن جي دردن جا داستان اڻ کٽ آهن، جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وسيلي منظر تي ايندا رهن ٿا، ڪڏهن ٿرپارڪر ۽ ننگر جي وارياسي جا رهندڙ حسين مور مرندي ڏسڻ ۾ ايندا آهن ته وري ڪڏهن مائڪرو فنانس بينڪن جي ور چڙهيل اٻوجهه ٿرين سان مائيڪرو فنانس بينڪن وارا جيڪي ڪارستانيون ۽ ڏاڍايون ڪندا آهن، تن جو تاب نه سهندي پاڻ کي وڻن جو سينگار بڻائي ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻيندڙ ماروئڙن جون تصويرون جيءَ کي جھوري وجھنديون آهن ته وري ڪڏهن ٿر جا معصوم ٻار غذائي کوٽ جي ڪري اسپتالن جي وارڊن ۾ مائرن جي هنجن ۾ تڙپندي نظر ايندا آهن، ته وري ڪڏهن ڪارونجھر جي ڪور جو سور سيني ۾ سيئاندا ڀرائي ڇڏيندو آهي. ٿر جو ڪارو سون ٿرين جي معاشي ۽ سماجي حالتن کي تبديل ڪرڻ جي بدران انهن جي موت جو پروانو ثابت ٿي رهيو آهي اتان جا رهواسي اڄ به بکن ۾ پاهه ٿي مرندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن ۽ ڌارين جي لوڌ پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪري موجون ماڻي رهي آهي ۽ انهن جي ظلمن جا قصا، ڪهاڻيون نه آهن پر اهي حقيقتون آهن، جن ٿرين جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، اتان جي لوڪ کي مزدوري به ميسر نه آهي پر غير مقامي ماڻهو جيڪي جاوا ڪن پيا تن جا قصا نواب واجد علي خان ۽ محمد شاهه رنگيلي کان بنهه گھٽ نه آهن پر انهن جي دل پشورين جي داستانن ته محمد شاهه رنگيلي ۽ واجد علي شاهه جي قصن کي به شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن انهن جي چورا ڪارين جي حقيقتن کي پڌري ٿيڻ جو خوف طاري ٿئي ٿو ته اهي انساني جان وٺڻ کان به نه ٿا ڪيٻائين ۽ ائين سندن روح ۾ تاتارين جي بدروحن جو حلول ٿئي ٿو ۽ هو اهي ئي انسانيت سوز عمل ڪن ٿا جيڪي ڪنهن به سڌريل سماج ۾ هڪ بدنما داغ طور سڃاتا وڃن ٿا، اهڙو ئي هڪ وڏو سانحو جنهن ٿر جي ننڍن وڏن جي روحن کي تڙپائي کين هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي اهو آهي دودي ڀيل جو ڀيانڪ موت، دودي ڀيل جي اذيت ناڪ موت ٿرين کي پنهنجي ننڌڻڪي هجڻ جو احساس ته ڏياريو آهي پر منجهن اها به جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ته سندن گڏجڻ ۾ ئي آجپو آهي، ڇو ته ڇڙ وڇڙ گابا ٿيڻ سان ظلم جي خلاف هر اٿندڙ آواز بي آواز ٿي پنهنجي موت مري ويندو آهي، دودي ڀيل جي دردناڪ موت ٿرين کي پاڻ سان ٿيندڙ انهن مسلسل ڏاڍاين جي خلاف هڪ آواز ڪري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٿري پاڻ سان ٿيل ڏاڍاين خلاف اٿي بيٺا آهن اخباري اطلاعن موجب حڪومتي ڌرين طرفان دودي ڀيل جي موت جي بدلي کين هڪ ڪروڙ رپين جي آڇ ٿي آهي، جيڪا دودي ڀيل جي ونيءَ، ماءُ ۽ سندس وارثن ٿڏي ڇڏي آهي ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته حڪومت کي پنهنجي ماءُ وارو ڪردار ادا ڪندي ان ڏوهه ۾ شامل سڀني ڪردارن کي منطقي انجام تي پهچائڻ گھربو هو ته جيئن اڳتي اهڙي انياءَ ٿيڻ جي نوبت نه اچي ها،  پر ان جي ابتڙ عمل ڪندي قاتل ڌرين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سان حڪومتي ادارن جي ساک وائکي ٿي پئي آهي ۽ ٿري عوام سندن انتهاپسندي جي آڏو پنهنجي هيڻائپ جي باوجود سينو سپر ٿي مهاڏو اٽڪائي پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري رهيو آهي. هن وقت انڪار جي جيڪا لهر اٿي پئي آهي اها هڪ اهڙي امتحاني گھڙي آهي جيڪا روشن صبح جي نويد بڻجي سنڌ جي عوام جي خوشحالي جو سنيهو ڏيندي جنهن ۾ ثابت قدميءَ ۽ احتياط جي تمام گھڻي ضرورت آهي، اها گھڻين ئي ڏاڍين جو انت آڻيندي ۽ ڪيئي هٿ جا ٺهيل ديوتا زمين بوس ڪندي، ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن انهن جي شروعات ڪنهن معمولي واقعي سان ٿي آهي ۽ اهي معمولي واقعا قومن جي روشن مستقبل جو اهڃاڻ بڻجي عوام جي حقيقي خودمختياري ۽ آجپي جو سبب بڻجندا آهن  ايڪي ۽ مستقل جدوجهد ۾ ئي دنيا ۽ دنياوي  ڪاميابين جو راز سمايل آهي، اها هڪ اهڙي سائنس آهي جيڪا جنهن به قوم سمجهي ورتي ته ان جي منزل ويجهڙي ٿي پئي آهي، ظاهري طور تي سمجهيو پيو وڃي ته اها احتجاجي لهر ڪجهه ڏينهن ۾ جهڪي ٿي ويندي ممڪن آهي ته ائين ٿي به وڃي پر بنيادي طور تي دودي ڀيل جي تحريڪ ٿر کي جيڪا سجاڳي ڏني آهي، جيڪا شعوري لهر اڀري آهي ۽ ٻڌي جي جيڪا طاقت ڏيکاري آهي اها سندن شعور ۾ ويهي وئي ته اهي ظلم جي گهاڻن کي ٽوڙي وجهندا، هونئن به ڪاري رات ته کٽڻي آهي، صبح ٿيڻ کي دنيا جي ڪابه طاقت يا حرفت روڪي نه ٿي سگهي.

متحد هو ته بدل ڊالو نظم گلشن،

منتشر هو تو مرو، شرو مچاتي ڪيون هو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو