177

بنيادي سھولتن کان وانجھيل ٻه سؤ گھرن جي وسندي…!

ليکڪ: گورڌن روهلائي

جديد دور جنھن ۾ دنيا ترقي جي بلندين کي ڇھي پئي، روز به روز سائنس نيون ايجادون ڪري پئي، انھي دور ۾ سنڌ جون اھڙيون ڪيتريون ئي وسنديون آھن جتي زندگي جون بنيادي سهولتون به ميسر ناھن، اھڙين وسندين ۾ ھڪ وسندي رڻ ڪنڌي تي آباد ڳوٺ روھل به آھي،  جيڪو يوسي جھرمريو تعلقي ڏيپلو ٿر ۾ آھي جتي نه روڊ، نه بجلي ۽ نه اسپتال آھي ڪنھن حادثي يا بيماري وقت ڪچن رستن ۽ ڀٽن جي سفر ۾ مريض اسپتال پھچڻ کان اڳ ئي ھميشه لاءِ علاج کان آجو ٿي وڃي ٿو، بجلي جو ته تصور ئي ناھي، تڪ جا سياستدان پنجن سالن ۾ ھڪ دفعو ايندا آھن سکڻا خواب ڏيکاري،وڏيون جذباتي تقريرون ڪري، بزرگن سان مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪري لينڊڪروزر چڙھي ھليا ويندا آھن ته وري واپس نظر به ڪونه ڏيندا آھن، اسڪول جي آھن ته اھڙا جن ۾ صرف ٻار ڏينھن ۾ پنج ڪلاڪ راند ڪري واپس اچن ٿا،  گورنمينٽ پرائمري برانچ مڊل اسڪول روھل ۾ بائيو ميٽرڪ استاد ھڪ آھي جيڪو صرف جوائن ڪرڻ آيو پوءِ نظر ڪونه آيو ۽ ڀر پاسي ۾ ڪو به مڊل اسڪول نه ھجڻ ڪري (اندري، منھيڙو، جاريلو، تلي، ٻولي، ڪيلھونٽ، ڇائيڇپڙو، مالڪار) ڳوٺن جا شاگرد پنڌ ڪري اچن ٿا، برانچ مڊل اسڪول ۾ 88 ٻار داخل آھن سالن کان برانچ مڊل مان مڊل اسڪول نه ٿيو، نه مڊل جي عمارت آهي، لانڍيون ٺھيل آھن جنھن 20 ٻار به مشڪل سان ويھي سگھن ٿا، گرلس جو پرائمري کان مٿي ڪو اسڪول ناھي، پرائمريءَ جون به رڳو عمارتون آھن، ڪٿي ڪو به فنڪشنل اسڪول ناھي، جديد دور جتي دنيا روز تعليم جي بھتري لاءِ نوان نوان طريقا اختيارڪري پئي پنھنجن ٻارن کي اسڪل ايجوڪيشن ڏئي پئي اتي اسان وٽ  چار اکر پڙھڻ جھڙي تعليم به خواب آھي، بس گرلس اسڪول صرف رڪارڊن ۾ ھلندڙ آھن، باقي عمارتون ڪنھن پراڻي دور جي کنڊر جھڙيون آھن، جتي ڪڏھن ڪنھن آفيسر وزٽ ڪرڻ جي تڪليف به نه ڪئي آهي ،گرلس پرائمري اسڪول روھل بابت صرف بائيو ميٽرڪ سسٽم جي ويب سائيٽ تي لکيل آھي ته اسڪول روھل ۾ ھڪ ليڊي ٽيچر آهي ۽ 59 نياڻيون زير تعليم آھن، جڏھن ته سر زمين تي نه ماسترياڻي آھي نه شاگردياڻيون آھن،اسڪول کنڊر بڻيل آھي، ڪرسي، بينچ، ٽيبل نالي ڪا شي ناھي، دريون دروازا، چوديواري سب زبون حال بڻيل آھن، ايس ايم سي فنڊ ڪير ۽ ڪٿي خرچ ڪري ٿو ڪا خبر ناھي ڳوٺاڻن کي صرف ايتري خبر آھي ته اسڪول بند آھي سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي به لاڳو ٿي پر ٻھراڙيءَ جي اسڪولن جي ڪنھن سار نه لڌي ڳوٺن ۾ نه صرف نياڻيون تعليم کان محرومآهن پر ڇوڪرن جي تعليم به اھڙي آھي جو 8 سالن کان پوءِ اھي صرف سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪندا آھن ٻارن جي داخلا لاءِ  ھر سال مھم ھلندي آهي، پر اسڪول ۾ پڙھائي لاءِ ڪا به مھم ناھي ھلندي صرف ٻار داخل ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟؟ ڳوٺ جا بزرگ سالن کان سياستدانن جي واعدن جي سھاري اميد لڳائي ويٺا آھن ته اسان کي به سھولتون ملنديون، اسانجي ٻارن کي، اسانجي نياڻين کي تعليم ملندي ۽ ڳوٺ جا نوجوان ٻاراڻي عمر ۾ ئي گارمينٽ، تغاري، ۽ سيٺين جي دڪانن تي پنھنجن سپنن جي ساڀيان لاءِ بچپن ۽ جوانيءَ ٻئي غربت جي ھٿان وڃائي ويٺا، پر ويچارا ٻھراڙيءَ جا سادا ماڻھو اھو ڪٿي ٿا سمجھن ته حڪمرانن جا واعدا صرف واعدا ھوندا آھن اھي ڪڏھن وفا ناھن ٿيندا، ھر پنج سالن کان پوءِ سياستدانن ڪلاڪ کن لاءِ واعدا ڪرڻ ايندا آھن تر جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڪڏھن پنھنجي واعدي يا فرض تي سوچيو ئي ڪونه ۽ ڳوٺ جا سادا ماڻھو سياسي وفاداري تبديل ڪرڻ  اڄ تائين به  گناھه سمجھن ٿا، نمائندن کي ياد رکڻ گهرجي ته صرف سکڻن واعدن سان ملڪ ترقي ڪونه ڪندو، اسڪول کان ٻاھر گذريل ٻار جو ھڪ ڏينھن به نقصانڪار آھي ھي ڳوٺن ۾ رھندڙ ماڻھو به برابر جا شھري آھن انھن جو به ھن ملڪ تي ايترو ئي حق آھي جيترو شھر وارن جو سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو ڳوٺن ۾ آباد آھي، جيڪڏهن ايتري ساري آبادي اڻپڙھيل رھندي ته نه صرف مائٽن جو پر سماج، ملڪ ۽ قوم جو به نقصان ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو