ايڊيٽوريل
وفاقي حڪومت عيد جي خوشين واري موقعي تي عوام مٿان مهيني اندر ٻيو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري عوام کان عيد جون خوشيون کسي ورتيون آهن، وزيراعظم اوگرا جي سفارش تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت پيٽرول 5 رپيا 40 پئسا في لٽر وڌايو ويو آهي ۽ پيٽرول جي نئين قيمت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 118.9 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهتي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 2.54 رپيا في لٽر، گاسليٽ جي اگهه ۾ 1.39 رپيا في لٽر، لائيٽ ڊيزل 1.27 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن واڌ کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 116.53 رپيا في لٽر، گاسليٽ جي قيمت 87.14 رپيا في لٽر، لائيٽ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 84.67 رپيا ٿي وئي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مهيني اندر پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ مجموعي طور في لٽر 9 رپيا ڪجهه پئسا مهانگو ٿيو آهي، ان باوجود وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل چوي ٿو ته وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان اوگرا جي سفارشن جي ابتڙ عوام کي حد درجي جو رليف ڏنو آهي، عالمي منڊي ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن سبب اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 11.40 رپيا واڌ جي تجويز ڏني هئي، پر وزيراعظم رڳو 5.40 رپيا واڌ جي منظوري ڏني آهي، موصوف اهو به فرمايو آهي ته اوگرا جي تجويزن مطابق پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ڪيل ان فيصلي جي نتيجي ۾ پوندڙ واڌو بار حڪومت برداشت ڪندي.
اسان سمجهون ٿا ته ڏاهن ڏاڍو سچ چيو آهي ته نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو آهي، هي عوام کي رليف ڏيڻ جو انوکو طريقو آهي، ته مهيني اندر پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ وري اهو ٿورو به ڪيو پيو وڃي ته وزيراعظم عوام کي وڏو رليف ڏنو آهي، اسان اڳ ئي اهي دانهون ڪندا پئي آياسين ته موجوده حڪومت وٽ هاٿي وانگر ڏيکارڻ جا ڏند هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا آهن، جڏهن وفاقي بجيٽ پيش ٿي هئي ۽ حڪومت وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي هئي ان وقت به معاشي ماهرن توڙي مخالف ڌر اهو چيو هو ته اهي سڀ چوڻ واريون ڳالهيون آهن، حقيقت ۾ هي بجيٽ رليف بدران مهانگائي جو طوفان کڻي ايندي، تڏهن حڪومتي صلاحڪار طوطي وانگر رٽيل بيان ڏئي رهيا هئا ته هاڻي مهانگائي ڀڄي وئي آهي، اها هن ملڪ جو وري منهن نه ڪندي پر سڀني ڏٺو ته بجيٽ جا اثر ڪيترا تڪڙا عوام جي ڳچي ۾ پيا آهن. وزيراعظم پيٽروليم جي اگهن ۾ جيڪو عوام کي رليف ڏنو آهي ان رليف جي نتيجي ۾زندگي جي بنيادي ضرورت جي هر شيءِ جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا ۽ عوام ان رليف جو ڀرپور عذاب ڀوڳيندو ۽ اها به اميد ڪئي پئي وڃي ته هاڻي هر مهيني عوام کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙا ٻه رليف ضرور ملندا ۽ اوگرا جي تجويز تي عمل به ٿيندو. پيٽرول جي اگهن ۾ 11.40 رپيا واڌ ٿيندي پر اها هر مهيني ڪڏهن 5، ڪڏهن 3 ته ڪڏهن 2 رپين واري رليف جي صورت ۾ ٿيندي، اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ تجويز ۾ اهو رليف اڃا وڌيڪ به هجي ۽ ان تي به عمل ٿيندو. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته لڳي ائين ٿو ته موجوده حڪومت قسطن ۾ عوام کي زندگي جي بار هيٺان دٻي ڇڏڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، هاڻي رڳو ان ۾ مهينيوار واڌ ٿيندي. خدارا! هن ملڪ جي عوام اڳ ئي گهڻو ڀوڳيو آهي، جڏهن موجوده حڪمران اقتدار تي ويٺا هئا ان وقت کنڊ 52 رپيا في ڪلو هئي ۽ 3 سالن ۾ هن وقت اها ئي کنڊ 110 رپيا في ڪلو آهي، ڇا اڃا به عوام لاءِ ڪو رليف رهيل آهي؟ عوام اهو چوڻ ۾ حق تي آهي ته نئين پاڪستان کان پراڻو پاڪستان انهن لاءِ هزار ڀيرا ڀلو هو، ڇو ته موجوده حڪومت جيتريون دعوائون ڪيون آهن اوتري مهانگائي وڌائي آهي، هڪ عام چوڻي آهي ته جڏهن غريب مرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ته دنيا جو ڪوبه امير جيئرو نه رهي سگهندو، ان ڪري غريبن کي ايترو نه ستايو جو اهي مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.