تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ خراب حالتن سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا نه ڪيو، پاڪستان تي الزام هڻڻ سان مايوسي ٿي، طالبان کي ڳالهين جي دعوت پرڏيهي فوج جي نڪرڻ کان اڳ ڏيڻ گهرجي ها، سي پيڪ علائقائي رابطن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو، افغانستان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان ڪالهه جمعي ڏينهن تاشقند ۾ “سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا 2021ع: ريجنل ڪنيڪٽيوٽي: چئلينجز اينڊ اپرچونيٽيز” جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته سي پيڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي، اميد ڪريون ٿا ته سي پيڪ علائقائي رابطن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو، گوادر پورٽ تي معاشي سرگرميون مارچ 2019ع کان شروع ٿيون آهن. وزيراعظم چيو ته افغانستان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان جي ترجيح افغانستان ۾ استحڪام آهي، افعانستان ۾ بدامني جو اثر پاڪستان تي به پوي ٿو. هن چيو ته افغانستان ۾ خراب حالتن سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب 70 هزار کان وڌيڪ جانيون قربانيون ٿيون، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا ناهي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. پاڪستان لڳايل الزامن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي ان ڳالهه تي مايوسي ٿي آهي ته پاڪستان تي الزام هنيا وڃن ٿا. هن چيو ته طالبان کي ڳالهين جي دعوت ان وقت ڏيڻ گهرجي ها جڏهن آمريڪا جا سڀ کان وڌيڪ فوجي افغانستان ۾ هئا، هاڻي طالبان ڇو آمريڪا جي ڳالهه مڃيندو، جڏهن افغانستان مان فوج نڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، نئين سر تعمير ۽ اقتصادي ترقي جي سمورن قدمن جي حمايت جاري رکندو، اسان افغانستان جي سمورن پاڙِسرين ۽ سمورين لاڳاپيل عالمي ڌرين سان گڏجي ڪم ڪنداسين ته جيئن ان مسئلي جو ڳالهين ذريعي حل ڳولي سگهجي. افغانستان جي صدر اشرف غني پاران پاڪستان تي هن الزامن جو جواب ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ وڳوڙ سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ گذريل 15 سالن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، پاڪستان جي معيشت متاثر ٿي جيڪا هاڻي بحال ٿي رهي آهي. هن چيو ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪوششون نه ڪيون، افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ذميواري پاڪستان تي هڻڻ غيرمنصفاڻو آهي، مون ڪابل جو دورو ڪيو، جيڪڏهن منهنجي امن ۾ دلچسپي نه هجي ها ته آئون ڪابل جو دورو ڇو ڪريان ها. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي صورتحال 2 ڏهاڪن جي تڪرار ۽ گهري ورڇ جو نتيجو آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته آمريڪا ان جو فوجي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو ان جو حل نه هو. افغانستان ۾ هڪ لک 50 هزار نيٽو فوجين جي موجودگي اهو وقت هو جڏهن طالبان جي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي دعوت ڏني وڃي ها، هاڻي هو اسان جي ڳالهه ڇو مڃيندا، جڏهن طالبان سمجهن ٿا ته انهن کي ڪاميابي ملي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سياسي عمل کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان، ازبڪستان ۽ تاجڪسان گڏجي ڪم ڪندا ۽ ان مقصد جي لاءِ هن ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 3 ملين افغان پناهگير آهن ۽ وڌيڪ افغانستان جي ڪنهن صورتحال جي نتيجي ۾ وڌيڪ پناهگيرن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهون. وزيراعظم ڪشمير تڪرار ۽ پاڪ ڀارت لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي جنهن جي حل سان پورو خطو تبديل ٿي ويندو. ان کان اڳ تاشقند جي انٽرنيشنل ڪانگريس هال پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف شاندار استقبال ڪيو. ازبڪستان جو صدر ڪانفرنس هال ۾ وزيراعظم عمران خان جي استقبال لاءِ اڳ ۾ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ ڪجهه دير اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان کانسواءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ افغانستان جي صدر پڻ شرڪت ڪئي.
189