197

وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ امن جون ڪوششون جاري آهن: فواد چوڌري

تاشقند (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ امن جون ڪوششون جاري آهن جيڪي جلد ڪارائتيون ثابت ٿينديون. علائقائي رابطا ڪانفرنس جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته علائقائي رابطا ڪانفرنس ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن، ان ڪانفرنس ۾ علائقائي رابطن ۽ معاشي سرگرمين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ۽ وزيراعظم عمران خان ملاقات دوران تاشقند کان گوادر تائين ٽرين سروس ۽ ڪراچي کان تاشقند تائين ٽرڪ جي چرپر جو نظام قائم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي جيڪو علائقائي رابطن جو هڪ اظهار آهي. هن چيو ته 22 ملڪن جا ملڪي سربراهه ۽ پرڏيهي وزير هتي موجود آهن جيڪي واپار، معيشت ۽ ويزائن ۾ سهولت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني جي ملاقات پڻ متوقع آهي جنهن ۾ اهم معاملا بحث هيٺ ايندا. اسان جي ڪوشش آهي ته افغانسدتان ۾ امن قائم ٿئي ته جيئن علائقائي رابطا بهتر ٿي سگهن. چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۾ امن سان اسان وچ ايشيا سان ڳنڍجي وينداسين. وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، انشاءَ الله اهي ڪوششون جلد ڪارائتيون ثابت ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو