تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته اسان جيو اسٽريٽجڪ سوچ کان جيو اڪنامڪ طرف وڃي رهيا آهيون، افغانستان ۾ امن ۽ سڀني جو گڏجي اڳتي وڌن ضروري آهي.”سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا 2021ع: ريجنل ڪنيڪٽيوٽي: چئلينجز اينڊ اپرچونيٽيز“ جي موضوع تي ڪانفرنس جي افتتاحي سيسن جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وفدن جي وچ ۾ تمام لاڀائتيُون ملاقاتون ٿيون. پاڪستاني وزيراعظم ۽ وفد جو ريڊ ڪارپيٽ کان به وڌيڪ استقبال ڪيو ويو. هن چيو ته ازبڪستان اقتصادي لنگهه ۽ ڪنيڪٽيوٽي ۾ اسان کان به وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو. جهڙي طرح هن پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي کي ٽريٽ ڪيو ۽ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي اها تمام گهڻي مثبت آهي. هن چيو ته پاڪستان بار بار اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته اسان جيو اسٽريجڪٽ سوچ کان جيو اڪنامڪ سوچ طرف وڃي رهيا آهيون. جيو اسٽريٽجڪ جي اهميت قائم رهندي پي جيو اڪنامڪ جو سڀ کان وڏو رخ اقتصادي لنگهه آهي. سينٽر ايشيا جي لاءِ دنيا سان رابطي ۽ بحيره عرب تائين پهچ جو سڀ کان وڏو لاڀائتو ذريعو گوادر ۽ ڪراچي جون بندرگاهون آهن. هن چيو ته منهنجي ازبڪستان جي نيشنل سيڪيورٽي ايدوائيزر سان پڻ ملاقات ٿي آهي جيڪا تمام گهڻي فائديمند رهي آهي ۽ ان ۾ اسان طئي ڪيو آهي ته اسان کي ڪيئن اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم جي دوري جو مقصد پورو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف تمام واضح آهي. اسان افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان بار بار اقتصادي لنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. اسان جيو اڪنامڪ ويزن ۽ ڪنيڪٽيوٽي جي لاءِ امن ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان ملاقات جي جي درخواست قبول ڪئي آهي. وزيراعظم کيس باور ڪرائيندو ته پاڪستان جيڪي قدم کڻي رهيو آهي اهي افغانستان جي لاءِ کڻي رهيو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ۽ سڀ گڏجي هلن ته جيئن افغانستان ۾ سياسي مفاهمت ٿئي نه ڪي نقطه چيني ۽ بدقسمتي سان جيڪي منفي بيان اچن ٿا ان کان پاسو ڪندي اڳتي وڌيو وڃي.
