اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪالهه جمعي ڏينهن چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ داسو ۾ ٿيندڙ المناڪ حادثي ۾ چين جي شهرين جي قيمتي جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام سوڳوار خاندانن جي ڏک ۽ پريشاني ۾ برابر جي شريڪ آهي. حڪومت زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته ان واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين ۽ مختلف منصوبن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ چين گهرا دوست آهن ۽ اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. وزيراعظم چيو ته مخالف قوتن کي پاڪستان ۽ چين جي ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
180