سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سينيئر حريت اڳواڻ غلام محمد خان سوپوري ڀارتي جيلن ۾ غير قانوني طور نظربند ڪشميرين جي خراب حالت تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي عالمي ريڊ ڪراس ڪميٽي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي نظربند ڪشميرين جي رهائيءَ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق غلام محمد خان سوپوري سرينگر مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته تهاڙ جيل نئين دهلي، ڪوٽ ڀلوال جيل، جوڌپور جيل، آگره جيل، هريانه جيل ۽ ڀارت سميت والاريل علائقي جي ٻين جيلن ۾ حريت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت هزارين ڪشميري عقوبت ۾ آهن. هن چيو ته نظربند ٿيل ڪشميرين کي جيلن ۾ طبي سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، جڏهن ته کين شديد ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو پڻ بڻايو وڃي ٿو. غلام محمد خان سوپوري چيو ته ڪشميري سياسي نظربندن کي ڪورونا جي شديد پکيڙ دوران به رها ناهي ڪيو ويو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن عالمي برادري ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي نظربند ڪشميرين جي فوري طور رهائيءَ تي ڀارت تي دٻاءُ وِجهن ته جيئن اهي عيدالاضحيٰ جي خوشين وارو ڏهاڙو پنهنجي وارثن سان ملهائي سگهن.
183