181

جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کي روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن: علي محمد خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کي روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، نادرا سختي سان سمورن دستاويزن جي تصديق ڪري ٿو. سينيٽ ۾ سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري جي دهشتگردن، ڪالعدم تنظيمن ۽ پرڏيهين کي نادرا پاران جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪرڻ جي معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته سنڌ ۾ گذريل چئن سالن دوران مجموعي طور تي 29 لک 63 هزار کان وڌيڪ سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪيا ويا آهن، لکين جعلي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪرڻ جي ڳالهه صحيح نه آهي، نادرا تفصيلي دستاويزن جو جائزو وٺي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ٿو، درخواست ڪندڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ والدين يا رت جي رشتيدار کي گڏ آڻڻ لازمي هوندو آهي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته ڪنهن صورت ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊز نه ٺهن جڏهن ته ماضي ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊز ٺهندا رهيا آهن. هن چيو ته نادرا جي 39 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. ريجنل ڊي جي کي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي، 10 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو