179

قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي ڪورم پورو نه هجڻ جي ڪري ڪجهه دير لاءِ معطل رهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي ڪورم پورو نه هجڻ جي ڪري ڪجهه دير لاءِ معطل رهي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جو وقفو جاري هو ته ان دوران مسلم ليگ (ن) جي اظهر قيوم ناهرا ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي.  دپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته اڄ سوالن جوابن جي وقفي ۾ تمام گهڻا سوال آهن. سوالن جوابن جي وقفي ۾ ڪورم جي نشاندهي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر پاڻ ڪورم جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ بعد ۾ الزام بازي به ڪن ٿا. ڊپٽي اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو. ڳڻپ ڪرڻ تي ميمبرن جو انگ پورو نه هجڻ تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ڪورم مڪمل ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو