اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪامياب پاڪستان پروگرام، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعي ٽن ضروري شين جي سبسڊائز اگهن کي معقول بڻائڻ جي ڏس ۾ نظرثاني ٿيل قيمتن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز جي نيلامي بابت پاليسي هدايتن جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪپهه جي 2 لک ڳٺڙين جي خريداري ۽ 2 لک ٽن کنڊ جي درآمد جي سمري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري وزيراعظم ريليف پئڪيج 2020ع تحت 5 ضروري شين تي سبسڊي جي مدي ۾ 15 جولاءِ 2021ع کان 30 سيپٽمبر 2021ع تائين انٽرپرائز ريسورس پلاننگ (اي پي آر) جي نظام جي مڪمل طور تي فعال ٿيڻ تائين جي واڌ جي سمري پيش ڪئي. ان کانسواءِ اي سي سي يوٽيلٽي اسٽورز ۽ عام مارڪيٽ ۾ ٽن ضروري شين 20 ڪلو اٽو 950 رپيا، گيهه 260 رپيا ڪلو ۽ کنڊ 85 رپيا ڪلو جي قيمتن ۾ وڌندڙ خال جي ڏس ۾ انهن شين جي قيمتن تي نظرثاني جي منظوري پڻ ڏني، اي سي ان معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي سبسڊائز اگهن کي معقول بڻائڻ جي ڏس ۾ نظرثاني ٿيل قيمتن جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ واپار واري وزارت پاران ڪينيا کان شين جي درآمدات تي دستاويزن جي تصديقي فيس جي خاتمي جي سمري پيش ڪئي وئي، اجلاس ۾ سمري جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان فيصلي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو واپار ۾ سهولتون ملنديون پر ڪينيا ۽ خطي جي منڊين ۾ پاڪستاني حصيداري پڻ وڌندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران پاڪستان حڪومت جي قابل جوڳي زرتلافين جي 116 ارب رپين جي برابر پاور سيڪٽر جي ري لينٽ قرضن جي نان ڪيش حل بابت سمري جي منظوري پڻ ڏني. اجلاس ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اهو نئين ڪاروبارين ۽ آبادگارن کي ننڍي ۽ آسان قرضن جي فراهمي جو فليگ شپ پروگرام اهي. ان پروگرام تحت ڪاروبارين ۽ آبادگارن کي ڪامياب ڪاروبار ۽ ڪامياب آبادگار منصوبن ذريعي ننڍا ۽ آسان قرض ڏنا ويندا. پروگرام تحت نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ذريعي گهٽ لاڳت گهرن جي تعمير جي لاءِ قرض پڻ ڏنا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پروگرام جي ڇتري هيٺ ڪامياب هنرمند پروگرام شروع ڪيو ويندو جنهن تحت فني ۽ پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت معاشي طور تي ڪمزور 40 لک خاندانن کي قرض ڏنا ويندا، انهن خاندانن جي چونڊ احساس پروگرام جي نيشنل سوشيو اڪنامڪ رجسٽري جي بنياد تي ٿيندو. ڪامياب ڪاروبار ۽ ڪامياب آبادگار پروگرام تحت 5 لک، 15 لک ۽ 20 لک رپين تائين وياج قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي تحت 27 لک رپيا ۽ ان کانسواءِ 20 لک رپين تائين جي آسان قرصن جي فراهمي پڻ پروگرام جو حصو آهي. پروگرام تحت آبادگارن کي في فصل زرعي مداخل جي خريداري جي لاءِ هڪ لک 50 هزار رپين جو قرض ڏنو ويندو. ان پيروگرام تحت ٽن سالن ۾ 1.6 ارب رپيا ڏنا ويندا، ان سان 30 لک خاندانن کي فائدو ٿيندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب غربت جي خاتمي جي ڏس ۾ تفصيلي پروگرام جوڙڻ تي سمورن لاڳاپيل ماڻهن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جوڙيل طريقيڪار موجب ننڍا قرض جاري ٿيندا. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي مواصلات واري وزارت پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز جي نيلامي بابت پاليسي هدايتن جو مسودو پيش ڪيو ويو جنهن جي منظوري پڻ ڏني وئي. ان فيصلي جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز جي نيلامي ٿيندي جنهن سان عالئقي ۾ براڊ بينڊ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان بهتري ايندي. اي سي سي پورٽ قاسم اٿارٽي کي 86.6 ملين رپين جي انجنيئرنگ ڪنسلٽنسي سروس جي اپ گريڊيشن جو ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي بورڊ کي پنهنجا سامونڊي اثاثا پاڪستان ميرين اينڊ شپنگ سروسز ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ کي منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني. پاڪستان ميرين اينڊ شپنگ سروسز ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي ذيلي ڪمپني آهي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران ڪپهه جي 2 لک ڳٺڙين جي خريداري بابت سمري پيش ڪئي وئي. ان جو مقصد ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضايف ۽ ملڪي مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ آهي. اجلاس ۾ ڪپهه پرائيس ريويو ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪميٽي جي قيمتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ هر 15 ڏينهن کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ سڌارن وارن قدمن جي مجاز هوندي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران 2 لک ٽن کنڊ جي درآمد جي سمري جي منظوري ڏني وئي ان جو مقصد کنڊ جا اسٽريٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ ۽ ملڪي مارڪيٽ ۾ قياس آرائي جي عنصرن کي گهٽ کان گهٽ رکڻ آهي. اي سي سي فيصلو ڪيو ته ضرورت پوڻ تي وڌيڪ کنڊ جا وڌيڪ اسٽريٽجڪ ذخيرا قائم ٿيندا. اجلاس ۾ ڪوويڊ 19 جي ڏس ۾ 19 فيبروري 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم جي زراعت بابت مالياتي پئڪيج (خريف) ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي. ان پئڪيج تحت خريف سيزن 2021ع ۾ ڪپهه ۽ چانور جي فصل تي ڊي اي پي تي في ايڪڙ 1500 رپين جي سبسڊي مقرر آهي. ترميم کان پوءِ هاڻي آبادگار پنهنجي پسند موجب ڪو به فاسفيٽ ڀاڻ سبسڊائز قيمت تي حاصل ڪري سگهندو.
188