اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، تعليمي ادارا، ريسٽورينٽ، تفريحي ماڳن تي پابندي لڳائي ويندي، سخت فيصلا شوق نه پر مجبوري آهن، ڪورونا جي روڪٿام ۾ ٽرانسپورٽ تي پابندي سڀ کان وڌيڪ مؤثر ثابت ٿيندي آهي، ڪورونا سان نجي شعبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، انهن جا جائز مطالبا پورا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز اينڊ ڪاليجز ايسوسيئيشن جي مرڪزي آفيس ۾ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان آگاهي مهم جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ تعليم جو شعبو متاثر ٿيو آهي، ملڪ ۾ 5 ڪروڙ شاگرد ۽ 20 لک استاد آهن، ٻي لهر جو سنئون سڌو تعلق تعليمي ادارا کولڻ سان هو. ٽرانسپورٽ جي بندش ڪورونا کي گهٽ ڪرڻ ۾ زياده متاثر ثابت ٿئي ٿي. ڪورونا ۾ حڪومت 1200 ارب رپين جو رليف ڏنو آهي، لڳ ڀڳ هر چوٿين گهر کي امداد ملي آهي، نجي تعليمي ادارن جا مطالبا جائز آهن، انهن کي پورو ڪيو ويندو. ڪوشش آهي ته جن استادن اڃا تائين ويڪسين ناهي ڪرائي اهي ويڪسين ڪرائين. عنقريب اهڙو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ڪورونا ويڪسين کانسواءِ ٽرانسپورٽ نه هلندي نه ئي اسڪول کُلندا ۽ نه ئي ڪاروبار هلي سگهندو، هن ملڪ کي عمران خان خود ٺيڪ ڪندو. پي ٽي آءِ ڪارڪن پنهنجي علائقن ڏانهن توجهه ڏين، جان بچائڻ لاءِ سخت فيصلا مجبوري آهن، فيصلن عيوض خطي جي ٻين ملڪن جي نسبت اسان وڌيڪ محفوظ آهيون. هن حڪومت سان ڪورونا دوران تعاون ڪرڻ تي آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي صدر ملڪ ابرار حسين ۽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو شڪريو ادا ڪيو.
