لاهور (ويب ڊيسڪ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيوآهي ته ڀارت افغانستان ۾ امن تباهه ڪرڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪوبه شڪ ناهي ته افغانستان ۾ بگڙجندڙ صورتحال پاڪستان لاءِ پڻ چئلينج آهي، ان لاءِ ايندڙ ڏينهن ۽ مهينا تمام اهم هوندا، ملڪي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ جو ڪريڊٽ پاڪ فوج ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته 22 ڪروڙ پاڪستانين کي فوج ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ تي فخر آهي، پاڪستاني فوج کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ مخالف ڌُر جون جماعتون ملڪ ۽ قوم سان خيرخواهه نٿا ٿي سگهن، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جان جي قربان ڏيندڙ شهيد ۽ انهن جي گهر ڀاتين ۽ پاڪ فوج کي جيترو به خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، فوج پاڪستان سميت سمورن ادارن کي پنهنجو آئيني رول آهي، اسان سڀني کي ملي ڪري ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي. گذريل ڏينهن اپر مال ۾ شهيد ڪئپٽن عفان مسعود جي ڪٽنب سان تعزيت جي اظهار بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته شهيد ڪئپٽن افعان مسعود جي والده سميت ان جي پوري فيملي ۽ پاڪستان کي شهيد جي قربانين تي فخر آهي.
