عابد جان (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريقي ملڪ آئيوري ڪوسٽ ۾ مسافر ڪوچ ۽ مني بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 31 زخمي ٿي پيا آهن . رپورٽ مطابق آئيوري ڪوسٽ جي ٽرانسپورٽ واري وزير امدوڪون گذريل ڏينهن ٻڌايو ته اهو حادثو گادي واري شهر عابد جان کان 100 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ٿيو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 31 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن .حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي .
165