176

عيد کان اڳ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ ظالماڻو قدم آهي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ نظر آئي آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي شهباز شريف ٽوئٽر تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ٻيو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي ۾ اڳ ئي رڪارڊ واڌ ٿي چڪي آهي مٿان وري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي  رد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت فوري طور تي پيٽرول ۾ واڌ واري فيصلي کي واپس وٺي. ٻئي طرف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي فوري طور تي واپس وٺڻ واري مطالبي جي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي، قرارداد پنجاب اسيمبلي جي ميمبر رابعه فاروقي جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته پنجاب جو هي مقدس ايوان پيٽروليم شين جي تازين  قيمتن ۾ واڌ کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ٿو. قرارداد جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته حڪومت  گذريل هڪ مهيني دوران 9.53 روپيه في ليٽر واڌ ڪري چڪي آهي. عيد کان اڳ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ ظالماڻو قدم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو