ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 25 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 5697 ٿي وئي آهي ۽ 18075 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1631 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 25 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو انگ 5697 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 18075 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1631 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 9 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4760327 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 354086 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. انهن مان 90.4 سيڪڙو يعني 319826 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 381 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 28563 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 27562 گهرن ۾، 931 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 70 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 857 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي ۽ 52 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 1631 نون ڪيسن مان 1314 ڄڻ جي ڪراچي مان سڃاڻپ ڪئي وئي جن ۾ ضلع اوڀر 356، ضلع سينٽرل 287، ضلع ڪورنگي 251، ضلع ڏکڻ 190، ضلع ملير 122 ۽ ضلع اولهه 108 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 52، نوشهروفيروز 26، دادو 22، ٺٽو 21، ٽنڊوالهيار 16، ڄامشورو 15، شهيد بينظر آباد ۽ بدين 14-14، ميرپورخاص، سجاول ۽ ٿرپارڪر10-10، عمرڪوٽ 8، مٽياري 7، ٽنڊو محمد خان 4، ڪشمور ۽ سانگهڙ 2-2، گهوٽڪي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو 1-1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
