113

پاڪستان علائقائي رابطن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ وچ ايشيا تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ وڏي ڪنزيومر مارڪيٽس آهي، ٻنهي خطن جي ماڻهن جي زندگي تبديل ڪري سگهون ٿا، پاڪستان وچ ايشيا ۽ ٻين ملڪن کي واپار ۽ ٽرانزٽ جي لاءِ بحيره عرب سان ڳنڍڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي آڇ جي لاءِ تيار آهي. تاشقند ۾ ”وچ ۽ ڏکڻ ايشيا 2021ع: علائقائي رابطا: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جديد معاشرن ۽ اقتصادي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ علائقائي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته گڏيل جاگرافيائي، جيو اڪنامڪ صورتحال ۽ ثقافت بنهي خطن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪن ٿا. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي تاريخي دوري دوران ڪالهه جمعي ڏينهن وچ ۽ ڏکڻ ايشيا علائقائي رابطن بابت ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جو اهتمام ازبڪستان جي حڪومت صدر شوڪت مرزايوف جي خصوصي قدمن تحت وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ واپار ۽ ٽرانسپورٽ رابطن جي لاءِ عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيو هو. وزيراعظم اقتصادي ترقي جي محرڪ طور علائقائي رابطن جي اهيمت کي اجاگر ڪيو جيڪي جديد معاشرن جي جوڙجڪ جي لاءِ لازمي آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي خطن جي گڏيل رابطن جي بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته 80 ملين آبادي تي ٻڌل وچ ايشيائي رياستون مستحڪم 7 ترقي ڪندڙ معيشتون آهن، جتي قدرتي توانائي جا تمام گهڻا وسيلا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي رابطن کي انتهائي انتهائي اهميت ڏي ٿو ڇو ته اسان جي حڪومت جو ”ويزن وچ ايشيائي“ پاليسي جو حصو آهي. پاڪستان ڪيترائي ٽي آئي آر ڪنوينشن، ڊبليو ٽي او ٽريڊ سميت ڪيترن ئي ٻطرفن، ريجنل ۽ انٽرنيشنل ٽريفڪ ۽ ٽرانزٽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا کي واپار ۽ ٽرانزٽ جي لاءِ بحيره عرب سان ڳنڍڻ جي لاءِ ڪراچي ۽ گوادر جي پنهنجي بندرگاهن جي آڇ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم عمران خان افغان امن عمل ۽ بين الافغان ڳالهين ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان تڪرار رڳو افغان حڪومت ۽ عوام جي سرپرستي ۾ ئي حل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ پرڏيهي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ عالمي برادري جي مسلسل انگيجمينٽ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اندروني تڪرار جي لاءِ پاڪستان تي الزام هڻڻ ناانصافي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو