107

پاڪستان تي الزام مڙهڻ ناانصافي آهي،طالبان سمجهن ٿا ته کين ڪاميابي ملي پئي ته پوءِ اهي اسان جي ڳالهه ڇو مڃندا: عمران خان

تاشقند  (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ خراب حالتن سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا نه ڪيو، پاڪستان تي الزام هڻڻ سان مايوسي ٿي، طالبان کي ڳالهين جي دعوت پرڏيهي فوج جي نڪرڻ کان اڳ ڏيڻ گهرجي ها، سي پيڪ علائقائي رابطن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو، افغانستان وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان جمع ڏينهن تاشقند ۾ “سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا 2021ع: ريجنل ڪنيڪٽيوٽي: چئلينجز اينڊ اپرچونيٽيز” جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي، اميد ڪريون ٿا ته سي پيڪ علائقائي رابطن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو، گوادر پورٽ تي معاشي سرگرميون مارچ 2019ع کان شروع ٿيون آهن. وزيراعظم چيو ته افغانستان وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان جي ترجيح افغانستان ۾ استحڪام آهي، افعانستان ۾ بدامني جو اثر پاڪستان تي به پوي ٿو. هن چيو ته افغانستان ۾ خراب حالتن سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب 70 هزار کان وڌيڪ جانيون قربانيون ٿيون، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا نه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. پاڪستان لڳايل الزامن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي ان ڳالهه تي مايوسي ٿي آهي ته پاڪستان تي الزام هنيا وڃن ٿا. هن چيو ته طالبان کي ڳالهين جي دعوت ان وقت ڏيڻ گهرجي ها جڏهن آمريڪا جا سڀ کان وڌيڪ فوجي افغانستان ۾ هئا، هاڻي طالبان اسان جي ڳالهه ڇو مڃيندا، جڏهن افغانستان مان فوج نڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، نئين سر تعمير ۽ اقتصادي ترقي جي سمورن قدمن جي حمايت جاري رکندو، اسان افغانستان جي سمورن پاڙيسرين ۽ سمورين لاڳاپيل عالمي ڌرين سان گڏجي ڪم ڪنداسين ته جيئن ان مسئلي جو ڳالهين ذريعي حل ڳولهي سگهجي. افغانستان جي صدر اشرف غني پاران پاڪستان تي هن الزامن جو جواب ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ وڳوڙ سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ گذريل 15 سالن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، پاڪستان جي معيشت متاثر ٿي جيڪا هاڻي بحال ٿي رهي آهي. هن چيو ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن ڪوششون نه ڪيون، افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جي ذميواري پاڪستان تي مڙهڻ نا انصافي آهي، مون ڪابل جو دورو ڪيو، جيڪڏهن منهنجي امن ۾ دلچسپي نه هجي ها ته آئون ڪابل جو دورو ڇو ڪريان ها. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي صورتحال 2 ڏهاڪن جي تڪرار جو نتيجو آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته آمريڪا ان جو فوجي حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو ان جو حل نه هو. افغانستان ۾ هڪ لک 50 هزار نيٽو فوجين جي موجودگي اهو وقت هو جڏهن طالبان جي ڳالهين جي دعوت ڏني وڃي ها، هاڻي هو اسان جي ڳالهه ڇو مڃيندا، جڏهن طالبان سمجهن ٿا ته انهن کي ڪاميابي ملي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سياسي عمل کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان، ازبڪستان ۽ تاجڪسان گڏجي ڪم ڪندا ۽ ان مقصد جي لاءِ هن ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 3 ملين افغان پناهگير آهن ۽ وڌيڪ افغانستان جي ڪنهن صورتحال جي نتيجي ۾ وڌيڪ پناهگيرن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهون. وزيراعظم ڪشمير تڪرار ۽ پاڪ ڀارت لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي جنهن جي حل سان پورو خطو تبديل ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو