120

پاڪستان 10 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ موڪليا آهن، طالبان ڳالهيون نه ڪيون ته مقابلو ڪنداسين: اشرف غني

تاشقند (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت پنهنجي روايت کي قائم رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي طالبان جي حمايت ڪرڻ جا الزام مڙهيا آهن. اهي الزام اهڙي وقت ۾ مڙهيا ويا آهن جڏهن پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾  جمع ڏينهن تاشقند ۾ٿيل ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان جي موجودگيءَ ۾ خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني چيو ته پاڪستان 10 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ موڪليا آهن، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن طالبان ڳالهيون نه ڪيون ته  اسين انهن جو مقابلو ڪنداسين، اهو امن لاءِ آخري موقعو آهي. ٻي پاسي افغانستان جي نائب صدر امرالله صالح پڻ پاڪستان تي الزام مڙهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان چمن ۾ طالبان خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي صورت ۾ جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني. هن چيو ته پاڪستان جي هوائي فوج ڪجهه علائقن ۾ طالبان جي حمايت ڪري رهي آهي، پاڪستان جي هوائي فوج افغانستان جي هوائي فوج سان رابطو ڪري  ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اسپن بولدڪ مان طالبان کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو رد عمل ايندو. افغان نائب صدر هڪ ٻي ٽويٽ ۾ چيو ته افغان جهاز اسپن بولدڪ کان 10 ڪلوميٽر پري هئا، جڏهن انهن کي پوئتي نه مڙڻ جي صورت ۾ ميزائل هڻڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي هنن ٽويٽس تي ڪنهن کي شڪ آهي ته آئون ان جو ثبوت پڻ ڊي ايم جي ذريعي  ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو