اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، کنڊ ۽ گيهه جي قيمتن ۾ 17 کان 150 رپيا واڌ ڪري ڇڏي، اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي تي 150 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه في ڪلو 90 رپيا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، قيمت ۾ واڌ کانپوءِ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 950 رپيا، کنڊ 170 رپيا ۽ گيهه 260 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، اِي سي سي اجلاس ۾ 2 لک ڪاٽن بيلز جي درآمد ۽ 2 لک ٽن کنڊ جي درآمد جي به منظوري ڏني وئي آهي، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 10 لک ٽن خانگي شعبو درآمد ڪندو. رپورٽ موجب 10 لک ٽن خانگي شعبو، ٽي سي پي، پاسپورٽ ۽ ٻيا سرڪاري ادارا 30 لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد ڪندا، جڏهن ته آل پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن چيو آهي ته فوڊ سيڪيورٽي جي لاءِ 20 لک ٽن ڪڻڪ درآمد گهڻي آهي، حڪومت افغانستان ۽ وچ ايشيا رياستن کي ڪڻڪ جون شيون برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي. لاهور ۾ 15 سهولت بازارون بند ڪرڻ ۽ سستين بازارن جو تعداد گهٽائڻ ۽ اٽي جي دستيابي ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي جي مذمت ڪريون ٿا. فلور ايسوسيئيشن موجب وزيراعظم عمران خان سستين بازارن ۾ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 430 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان جي لاءِ 1530 رپيا في مڻ سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي بهتر عمل آهي.
