اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ اپوزيشن جي احتجاج باوجود نيپرا بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب سينيٽ ۾ بجلي جي پيداوار فراهمي ۽ ورهاست جي ريگيوليشن ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو، جڏهن ته اپوزيشن شديد گوڙ ڪيو. بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صارفين لاءِ نيپرا بجلي فراهمي سان لاڳاپيل پبلڪ سيڪٽر لائسنس يافتا ڪمپني جي لاءِ هڪ جهڙو ٽيرف مقرر ڪندي، منظور ٿيل ٽيرف يا هڪ جهڙي ٽيرف بابت نوٽيفڪيشن 30 ڏينهن اندر جاري ڪيو ويندو، تجويزون به ڏئي سگهجن ٿيون. نيپرا ٽن مهينن جي بنياد تي منظور ٿيل ٽيرف ۾ ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهي ٿو، وفاقي حڪومت 15 ڏينهن جي اندر نظرثاني جي هدايت ڏئي سگهي ٿي.
185