راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو آهي ته دهشتگردن جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن. انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افغانستان طرفان پاڪستان تي مداخلت جا الزام بي بنياد آهن، حقيقت ۾مداخلت افغانستان مان ٿي رهي آهي. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به ڌڙي جي حمايت نه پيو ڪري پر چاهي ٿو ته سمورن ڌڙن جي ڳالهين سان امن ٿئي. پاڪستان علائقائي سيڪيورٽي، واپار جي لاءِ خطي ۾ وڏي مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، پرامن افغانستان ئي خطي جي سمورن ملڪن جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن، اسان جي جوانن کي پاڪ افغان بارڊر تي حملن جو نشانو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان موقف واضح طور تي پيش ڪيو آهي، اهڙا الزام لڳندا رهيا ته حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون.
203