تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان دهشتگردي بابت سوال تي ڀارتي صحافي کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. ڀارتي صحافي وزيراعظم عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏوگڏ هلي سگهن ٿيون؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان کيس منهن ٽوڙ جواب ڏيندي چيو ته ڀارت کي چئي رهيا آهيون ته اسان مهذب پاڙيسري بڻجي رهون، ڪيتري ئي وقت کان ان ڳالهه جو انتظار پڻ ڪري رهيا آهيون، پر ڇا ڪريون آر ايس ايس جو نظريو وچ ۾ اچي وڃي ٿو.
131