178

سنڌي ادب جون گهرجون ۽ پوسٽ ماڊرنزم جو لاڙو

ليکڪ: محبوب سنڌي

پوسٽ ماڊرنزم  تي انهي ڪري به  سنڌي ادب ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون نه اچي سگهي آهي جو سنڌي ليکاري سنڌي سماج سان ٿيندڙ ويساهه گهاتي جو اکين ڏٺو گواھ آهي، انهي ڪري سنڌ جي ڏات ڌڻي جا لکڻين ۾ ملندڙ  موضوع پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان سلهاڙيل آهن جنهن سان سنڌ جي مسئلن تي ليکڪ سٺي نموني سان موضوعن سان نڀائي سگهي ٿو، ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جديديت کي ماٺو يا رد ڪرڻ لاءِ  اسڪاٽلينڊ، انگلينڊ ۽ آمريڪن اديبن ادب ۾ پوسٽ ماڊرنزم جي لاڙو متعارف ڪرايو ۽ ان کي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون انهن ليکڪن ۾ ڊبليو ايڇ آرڊن، هينري ميلر، جي آر آر ٽولڪن وغيره اچي وڃن ٿا جڏهن ته جي آر آر ٽولڪن جو ”هيري پوٽر“مقبوليت جو چٽو ثبوت آهي، پوسٽ ماڊرنزم ماڊرنزم خلاف ري ايڪشن  ٿي سامهون آيو، جيڪو سماجي سچ جو انڪاري آهي ۽ پنهنجو سچ پاڻ خلقي ٿو، پوسٽ ماڊرنزم ڪلچرلي ۽ تاريخي اصل سچ کي مڪمل ختم ڪري پنهنجي جڙيل حقيقتن کي سچ طور مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪو مڪمل ڪوڙين حقيقتن تي ٻڌل هجي ٿو، جنهن مان ڪنهن به قسم جي حاصلات ممڪن ناهي، پوسٽ ماڊرنزم جو ليکاري  ڪبوتر جيان محسوس ٿئي ٿو جيڪو ٻلي کي ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو  ڇڏي ته ٻلي مون کي ناهي ڏٺو در اصل  هو اصل سچ کان منهن موڙي پنهنجي پيدا ڪيل هٿرادو سچ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن جا جبل کڙا ڪري ٿو، حقيقت جي نگاھه سان ڏسجي ته سنڌي ادب ڪوڙي سچ کي قبول ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، جيئن يورپ ۾ صنعتي انقلاب کان پوءِ ليکڪ واشنگٽن ارونگ پهرين مختصر ڪهاڻي ”اسڪيچ بُڪ“ لکي جيڪا ادب براءِ فن  جي صورت ۾ هئي جيڪا پڙهندڙ کي تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ  لکي وئي تيئن پوسٽ ماڊرنزم به ادب براءِ فن جي من گهڙت مهارت آهي، جڏهن  ته سنڌي ادب جون گهرجون  ادب براءِ زندگي آهن سو پوسٽ ماڊرنزم ادب براءِ زندگي ۽ ادب براءِ حقيقت کان ڏورانهون نظر اچي ٿو ۽ اهڙي لاڙي کي اهي ملڪ قبول ڪري سگهن ٿا جتي زندگي خوش نما گذرندي هجي  جتي رهندڙ  وطن جي وارثن سان ٻيو ڪو مسئلو لاڳو نه هجي، اتان جا  لکندڙ تجرباتي طور پوسٽ ماڊرنزم سان گڏ هلي سگهن ٿا پر ڏسجي ته اتان جا ليکڪ به پوسٽ ماڊرنزم سان گڏ هلندي ٿڪيا آهن پوسٽ ماڊرنزم هڪ اهڙو لاڙو آهي جنهن جا موضوع مقصديت کان خالي ۽ اوپرا محسوس ٿين ٿا،هن جي ڪهاڻي حقيقت ۽ سڇ کان پري ملي ٿي، اهو ئي وڏو سبب آهي جو اهڙي پوسٽ ماڊرنزم جي لکيل افسانوي فڪشن کي سنڌي ادب ۾ ڪا خاص جڳھه حاصل ناهي. سنڌ جون موجوده سياسي، سماجي حالتون ۽ پوسٽ ماڊزنز:  مٿي ڄاڻايل پوسٽ ماڊرنزم جي پسمنظر کي ڏسندي جيڪڏهن سنڌ جي  موجوده سياسي ۽ سماجي حالت کي ڏسجي ته خود گذريل پوڻين ٻن صدين کان سنڌ پنهنجو سياسي،سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ جاگرفيائي تشخص وڃائي رهي آهي، اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي عظيم ڏاهن ۽ دانشورن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو،عبدالواحد آريسر، ابراهيم جويو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ۽ ٻين روشن خيال قومپرست ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ ڏاهن ادب جي سماجي ڪارج تي ڪيترائي ڪتاب مضمون ۽ مقالا لکيا جن ۾ انهن اهو ڏانءُ ۽ ڏس ڏنو ته حقيقي روشن خيال ۽ لبرل ليکڪ جو ڪم آهي ته هو پنهنجي هم اثر دور، ماضي ياحال جي سماجي ۽ سياسي شعور کي سمجهندي گهربل حالتن موجب پنهنجي لکڻين ۾ فني ۽ جمالياتي قدرن جو خيال ڪندي اهڙو سچ سمائي ماڻهن آڏو آڻي جنهن سان ان دور جي معروضي حالتن جي ترجماني ٿي سگهي ۽ جنهن قوم سماج ۽ ملڪ ۾ هو رهي ٿو اتان جي ماڻهن جي شعوري سگھه ۽ ارتقا ۾ واڌارو ٿئي ته جيئن اها قوم يا سماج جن جبري حالتن ۽ استحصالي قوتن جي گهيري هيٺ آهي اتان  نڪرڻ جو گس ڪڍي سگهي، اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته پوسٽ ماڊرنزم جو بيانيو  عالمي سرمائيدار ۽ استحصالي قوتن جي نمائندگي ڪندڙن آهي جڏهن ته پوسٽ ماڊرنزم ۽  سنڌ جي موجوده سياسي سماجي صورتحال هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۽ تضاد ۾ آهي جنهن ڪري سنڌي ليکڪن کي سماجي حقيقت نگاري، جديديت ۽ انهي سچ کي پنهنجي لکڻين ۾ سمائڻ جي ضرورت آهي جيڪو قوم کي موجوده  جبري حالتن مان ٻاهر ڪڍي سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ثقافتي تشخص بحال رکڻ ۾ مدد ڪري ان ڪري اسان کي عالمي ادب ۾ وقت به وقت پيدا ٿيندڙ لاڙن پوءِ اهو پوسٽ ماڊرنزم هجي يا جديديت سماجي حقيقت نگاري هجي يا ساڄي کاٻي ڌر جا ادبي بحث يا مناظرا هجن پر اسان کي پنهنجي واٽ پاڻ ڳولي پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجي ايندڙ نسل جي فڪري ۽ فني رهنمائي ڪرڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو