180

تنگواڻي جو بنيادي صحت مرڪز ڪڏهن اپگريڊ ٿيندو…؟!

ليکڪ: نور خان بکراڻي

ھونئن ته ڊگهي عرصي کان وٺي سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل عوامي نمائندن کان وسري ويل تنگواڻي شھر کي انيڪ مسئلا دَرپيش آهن پر ھتان جي غريب عوام کي سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون ڪي به بنيادي سَھولتوُن ميسر نه آهن، تنگواڻي شھر اتر سنڌ جي آخري ضلعي ڪشمور جو وڏي آباديءَ وارو تعلقي ھيڊ ڪوارٽر ھجڻ جي باوجود به اڃان تائين ھتي تعلقي واريون ڪي به سھولتون نظر نه ٿيون اچن، تنگواڻي شهر کي 2004ع ۾ تعلقي جو درجو ڏنو ويو پر افسوس ته 17 سال گذرڻ باوجود به ھن وقت تائين شھر جي بنيادي صحت مرڪز کي اپگريڊ ڪري تعلقي اسپتال جو درجو ناھي ڏنو ويو، جنھن سبب تنگواڻي شھر جو قديمي بنيادي صحت مرڪز ھتان جي رهواسين ۽ خاص ڪري غريب مريضن جي لاءِ بي لاڀ ۽ غير مُؤثر بڻيل آهي، اسپتال ۾ مقرر اڪثر ڊاڪٽر يا ته ويزا تي ويل آھن يا وري پرائيويٽ ڪلينڪون ھلائي رهيا آهن، پوئتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ڊسپينسر يا ويڪسينيٽرز کي ذميواريون سونپيل آهن،ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونھي، پاڻ عام حالتن کي ڇڏي جيڪڏهن ڪنھن به اتفاقي صورت واري وڏي حادثي، ايمرجنسي يا ھنگامي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ذڪر ڪريون ته اھڙي مُشڪل ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ به ھتي نه ته ڪا ايڪسري مشين موجود آهي نه جديد ليبارٽري قائم ٿيل آهي ۽ ساڳئي وقت شھر جي واحد صحت مرڪز ۾ آپريشن ٿيٽر جو ته ڪو وجود ئي ڪونهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته اسپتال ۾ ڪو به سرجن مقرر ٿيل ناھي انکان سواءِ شھر جي عورتن جي ويم لاءِ نه ته ڪو ميٽرنٽي هوم ٺھيل آھي ۽ نه ئي ڪا ليڊي سرجن مقرر ٿيل آهي، جنھن سبب شھر ۽ علائقي جون غريب عورتون ويم گھر جھڙي بنيادي ۽ اھم سھولت کان به محروم بڻيل آهن، مجموعي طور تي تنگواڻي جي شھر جا رهواسي ھر وقت بنيادي صحت جي سھولتن جي حوالي سان ڪيترين ئي مُشڪلاتن ۽ پريشانين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن،  اسپتال ۾ ھر وقت دوائن جي کوٽ آهي، پرصحت کاتي پاران ان جو تدارڪ ڪڏهن به نه ڪيو ويو آهي، عام طور تي مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن جي نه ھجڻ جي ڪري ھر قسم جي بيماري ۾ مبتلا مريضن کي ٻين شھرن ڏانهن وڃڻ جو ڏس ڏنو ويندو آهي، ڪيتري ئي وقت کان تنگواڻي شھر جو بنيادي صحت مرڪز ريفر سينٽر بڻيل آهي، نانگ جي ڪَکڻ واري ويڪسين، ڇتي ڪُتي جي چڪ پائڻ واري ويڪسين يا ھيپاٽائٽس بي جي ويڪسين ته اڪثر ٻاھران ئي ٻاھران گُم ٿي ويندي آھي، شھر جي صحت مرڪز ۾ ڪڏهن به ڪنھن مريض کي ڪا به ويڪسين نه ملي سگهي آهي، ساڳئي طرح ڪنھن اتفاقي روڊ حادثي يا ڪنھن ٻي ايمرجنسي جي صورت ۾ ڳڻتيءَ جوڳن مريضن کي فرسٽ ايڊ به فراهم نه ٿي ڪئي وڃي، جنھن سبب زخمين يا ڳڻتي جوڳن مريضن کي ھر وقت سکر، لاڙڪاڻو يا رحيم يار خان شھر جو رُخ ڪرڻ جون ھدايتون ڏئي ٽاريو ويندو آهي، ڪيترائي غريب مريض نازڪ حالت ۾ ھجڻ سبب لاڙڪاڻو، سکر يا رحيم يار خان شھرن تائين پھچڻ کان پھريان ئي زندگيءَ جي جنگ ھارائي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏين ٿا جنھن سان اسان جي صحت واري نظام جي بھتر ھجڻ وارين دعوائن جي پت چڱيءَ طرح وائکي ٿي وڃي ٿي ۽ سرڪاري اسپتالن لاءِ ڪيترائي سوال پوئتي ڇڏي وڃن ٿا ته ايندڙ وقت ۾ ڪنھن ٻئي مريض کي ڪنھن حادثاتي حالت يا ايمرجنسي جي صورت ۾ ايئن بي يارو مددگار نه ڇڏيو ويندو ۽ ان کي بروقت مناسب فرسٽ ايڊ ڏئي سندن زندگي بچائڻ لاءِ اُميد جي آخري ڪِرڻي کي زندهه رکڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، ھتي ھڪ ڳالهھ تمام ضروري سمجھان ٿو ته جيڪڏهن ملڪ جي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ڏانھن نظر ڦيرائي ڏسون ته اتي جي صوبائي حڪومتن پنھنجي صوبي ۾ عوام کي صحت جون بھتر سھولتون ڏيڻ لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڇڏيا آهن، پر ھتي سرڪاري اسپتالن جي حالت به رحم جوڳي بڻيل آهي ۽ ڪنھن به قسم جي ايمرجنسي سھولت به موجود ناهي، ھن وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تنگواڻي تعلقي ھيڊ ڪوارٽر واري بنيادي صحت مرڪز کي جلد کان جلد اپگريڊ ڪري تعلقي اسپتال جو درجو ڏئي ماھر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون مقرر ڪري، جديد ايڪسري مشينون، الٽرا سائونڊ، معياري دوائن سميت ٻيو ضروري انفراسٽرڪچر ڏنو وڃي ته جيئن تنگواڻي شھر جا رهواسي فائدو وٺي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو