ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته اقتصادي رابطه ڪميٽي پاران يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه، کنڊ ۽ اٽو مهانگو ڪرڻ جو فيصلو عوام تي ڊرون حملو آهي. گيهه جي قيمت ۾ 90 روپيا ، کنڊ 17 روپيا ۽ 20 ڪلو اٽي تي 150 روپيا اضافي جو فيصلو واپس ورتو وڃي. زراعت کاتي واري صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي بيان ۾ مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي فراهم ڪري.
