170

سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو: شيخ رشيد

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو. پاڪستان امن جو دائي آهي، پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان ڳنڍيل آهي، چيني شهرين جي حفاظت اسان جو فرض آهي، وزيراعظم عمران خان جرئت سان چيو آهي ته هاڻي ڊو مور نه پر نو مور، داسو حادثي تي وزيراعظم چيني هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ گهرو وزارت کي چيني انجنيئرن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پرڏيهي وزير کي به چين وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. چيني حڪومت ۽ عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن لڪيل هٿن، سي پيڪ دشمنن کي نه ڇڏينداسين. چين سان هماليه کان اونچي دوستي آهي، پاڪستان کي ان دوستي تي فخر آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل رات وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي ڪامياب دوري بعد وطن واپس آيو. اهو دورو ڪامياب ترين هو. اشرف غني سان عمران خان جي ملاقات تي پرڏيهي وزارت ڳالهه ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪجهه سو پاسپورٽ جن ماڻهن ڪوڙا جاري ڪيا انهن مان مجموعي طور تي 8 ڄڻا گرفتار ٿي چڪا آهن. 19 کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. هن چيوته دادو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي، چين جي 15 رڪني ٽيم به جانچ لاءِ اچي وئي آهي جيڪا حادثي واري جاءِ جو دورو ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويندا.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ رينجرز ۽ ايف سي جي 7200 جوانن کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته وزيراعظم اڄ کان ڪشمير ۾ مهم شروع ڪري رهيو آهي. مان ان سان گڏ هوندس. ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهندي. جيتري سيڪيورٽي گهري وئي ته ڪشمير چونڊ لاءِ اوتري ڏني وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته واضح اعلان آهي ته سر زمين کي افغانستان لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين نه ٻئي ڪنهن جي سر زمين کي پنهنجي خلاف استعمال ٿيڻ ڏينداسين. دنيا جي ڪا به سپر پاور پاڪستان کي باءِ پاس نه ٿي ڪري سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو