اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته پاڪستان صحيح راهه تي گامزن آهي ۽ ”ميڪ ان پاڪستان“ اسان جي توجهه جو مرڪز آهي. صنعتي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ لاءِ واپار واري وزارت ڪچي مال ۽ ٻين شين جي 4000 ٽيرف لائنن تي ڪسٽمز ڊيوٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سڀني ٽيرف لائينن جو 54 سيڪڙو ٺهي ٿو.اهڙو اظهار هن سيالڪوٽ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيالڪوٽ ۾ چيمبر ۾ واپارين کي خطاب ڪندي هن روانگي واپار ڪندڙن جي اندرين ۽ ٻاهرين مشڪلاتن باوجود روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. هن پنهنجي ازبڪستان جي تازي دوري بابت آگاهه ڪندي اتي جي مارڪيٽ تي به توجهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني ۽ ٻڌايو ته ڪامرس وزارت جي سلڪ روٽ ري ڪنيڪٽ پاليسي تحت هڪ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي صحيحي ٿي چڪي آهي جڏهن ته تمام جلد شرط ۽ ضابطه به طئي ٿي ويندا.
110