170

ازبڪستان جي حڪومت ۽ عوام عمران خان کي جيڪا محبت ۽ احترام ڏنو ان لاءِ ٿورائتا آهيون: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ازبڪستان جي حڪومت ۽ عوام وزيراعظم عمران خان کي جيڪا محبت ۽ احترام ڏنو ان لاءِ ٿورائتا آهيون. وزيراعظم جي دوري وچ ايشيا سان معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو مضبوط بنياد رکي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پشاور کان تاشقند ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ ٻه عظيم منصوبا سي پيڪ ۽ يورپي يونين کي پاڻ ۾ ڳنڍيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو