اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۾ رحم جو عنصر ۽ دردمندي کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي جنهن جي ڪري ڪورونا وائرس جي عالمي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان کي بي مثال ڪاميابي ملي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ماڻهن جي لاءِ روين ۾ تبديلين جي رخ جو تعين ڪيو، بدعنواني جي خلاف قدمن، ڪفايت شعاري ۽ تيز فهم تصورات (سمارٽ ٿينڪنگ) اهڙا نقطا آهن جنهن مان پاڪستان گذري رهيو آهي، پاڪستان ماضي مان سبق سکيو آهي، ڪشمير جو مسئلو هندستان جي ورڇ جي اصولن جي قطعي خلاف هو، پاڪستان ماضي جي انهن غلط فيصلن کان متاثر ٿيو، ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز جي حيثيت سان دنيا جي مضبوط ترين ملڪن ۾ شامل ٿيندو. پاڪستان جي مستقبل بابت اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي پنهنجي خيالن ۽ ويزن جي حوالي سان انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي شعبن ۾ نمايان تبديلين مان گذري رهيو آهي، مثال طور پاڪستان بدعنواني کان متاثر ٿيو آهي، دنيا جي جن ملڪن ۾ جيڪڏهن اعليٰ سطح تي بدعنواني هجي ته اهي پنهنجي دولت ۽ وسيلا مختلف صورتن ۾ وڃائي ڇڏين ٿا، مثال طور ماضي ۾ مختلف ملڪن ۾ بدعنواني سان حاصل ڪيل دولت کي سوئيٽزرلينڊ ۽ ٻين عالمي بئنڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، پاڪستان ان دور کان ٻاهر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت ۽ پاڻ وزيراعظم عمران خان بچت ۽ ڪفايت شعاري جا قدم متعارف ڪرايا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان تي اعتراض ڪن ٿا ته اهي تمام ننڍا قدم آهن ۽ انهن سان وڌيڪ بچت نه ٿي ٿئي جڏهن ته اها ڳالهه اهميت رکندڙ آهي ته ڪفايت شعاري جي حوالي سان ماڻهن جي لاءِ روين ۾ تبديلين جي رخ جو تعين ڪيو ويو ڇو ته اسان سڄي دنيا کان قرض وٺي رهيا آهيون ۽ جيستائين اعليٰ سطح تي اسان پنهنجا خرچ گهٽ نه ڪنداسين ته اسان دنيا کي غربت جي خاتمي، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ قرض ۽ مالي معاونت جي لاءِ ڪيئن چئي سگهون ٿا. صدر چيو ته بدعنواني جي خلاف قدمن، ڪفايت شعاري ۽ تيز فهم تصورات (سمارٽ ٿينڪنگ) اهڙا نقطا آهن جن مان پاڪستان گذري رهيو آهي. صدر ڪوويڊ 19 جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت جي پاليسي کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ هئا پر جڏهن دنيا ۽ طبي ماهر مڪمل لاڪ ڊائون تي اصرار ڪري رهيا هئا ته ان وقت وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ پهريون شخص هو جنهن چيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪنداسين ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ غريبن جو وڏو انگ آهي جيڪو مڪمل لاڪ ڊائون کان متاثر ٿيندو. ان فيصلي ۾ رحم جو عنصر ۽ دردمندي کي مرڪزي حيثيثيت حاصل هئي، حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جي تدارڪ ۾ عوام، عالم سڳورن، مذهبي اسڪالرن ۽ ميڊيا کي شامل ڪيو ويو ۽ الله جي فضل ڪرم سان پاڪستان کي بي مثال ڪاميابيون مليون. انشاءَ الله ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز جي حيثيت سان دنيا جي مضبوط ترين ملڪن ۾ شامل هوندو.
