170

مريم صفدر اخلاقيات تباهه ڪندڙ ۽ تشدد جي حامي پارٽي جي وارث آهي: شهباز گل

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مريم صفدر اخلاقيات تباهه ڪندڙ ۽ تشدد جي حامي سياسي پارٽي جي وارث آهي. پنهنجي هڪ بيان هن چيو ته مريم صفدر اسلام ڳڙهه ۾ ڳالهائيندي ٻه شيون واضح ڪيون آهن. هڪ اهو ته هوءَ ان پارٽي جي وارث آهي جيڪا پارٽي سڀ کان پهرين سياسي اقتدار ۽ اخلاقيات تباهه ڪندڙ ۽ تشدد ڪندڙ پارٽي آهي. اخلاقيات جي ڳالهه ڪيون ته نواز شريف سڀ کان پهرين جوڻيجي کي دوکو ڏنو هو ۽ پوءِ ان عمل جي شراڪتدارن کي به دوکو ڏنو. پوءِ نواز شريف پنهنجي مخالفن کي گندي طريقي سان هارائڻ لاءِ ڇانگا مانگا برپا ڪئي. خريد ۽ وڪري جي شروعات ڪئي پوءِ نواز شريف پنهنجي مخالفن جون زبانون ڪٽرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ۽ آخر وڌندي وڌندي ڳالهه ايستائين پهتي جو نواز شريف ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ڏنو. جڏهن فيصلا ان جي مرضي سان نه ٿي رهيا هئا ته پوءِ نواز حڪومت ۾ ئي ماڊل ٽائون ۾ ڳورهارين عورتن کي گوليون هنيون ويون، ان ئي سياست جي وارث اڄ مريم صفدر اسلام ڳڙهه ۾ پنهنجي ووٽرن کي چڙ ڏياري رهي هئي ته هو پنهنجي مخالفن جي مٿان انڊا (بيضا) اڇلائين، پٿراءُ ڪن، فائرنگ ڪن، هو تشدد جي عنصرن کي آڻي رهي آهي، سبب اهو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري هي اليڪشن کٽي وڃي.ٻي ڳالهه  اها  ته مريم صفدر اهو به ٻڌائي ته نواز شريف ڇا آهي ته ان باري ۾ اهو آهي ته سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته نواز شريف ڇاهي. نواز شريف اهو نالو آهي جنهن پنهنجي ملڪ کي دوکو ڏنو جڏهن اجمل قصاب بابت ڀارت جي ٻولي ڳالهائي. نواز شريف دوڪي جو اهو نالو آهي جنهن حريت اڳواڻن کي دوکو ڏنو ۽ جندال سان ملاقات ڪئي. نواز شريف پنهنجي قوم ۽ ڪشمير کي دوکو ڏنو جڏهن ڪوفه ڊڪليئريشن  مان ڪشمير جو نالو ڪڍيو ويو ۽ ان جي بدلي ۾ مودي ان جو احسان لاهڻ لاءِ نواز شريف جي گهر آيو. نواز شريف اصل ۾ هڪ غدار جو نالو آهي جنهن پاڪستان سان ڪڏهن به وفاداري نه ڪئي، هن صرف پنهنجي پئسي ۽ پنهنجي فائدي سان وفاداري ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو