باغ (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ 25 جولاءِ تي عمران خان جي حڪومت ٺهندي، ان جي قيادت ۾ ڪشمير کي آزادي حاصل ٿيندي. آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ اهي ماڻهو به ووٽ وٺڻ اچي رهيا آهن، جيڪي مودي سان پڳون تبديل ڪندا رهيا. انهن اڳواڻن هتي اچي مودي ۽ آر ايس ايس خلاف ڳالهه نه ڪئي. هي هتي عمران خان خلاف ڳالهائي رهيا آهن. هن چيو ته فاروق حيدر ٻڌائي ته هن ڪشمير لاءِ ڇا ڪيو. منهنجي رڳن ۾ ڪشمير جي رت آهي، هن چيو ته لال حويلي ۽ لال چوڪ جو پاڻ ۾ رشتو آهي. شيخ رشيد چيو ته ڪير به اهو نه ٿو چئي سگهي ته عمران خان مني لانڊرنگ ڪئي يا پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيون. هن چيو ته اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ٻيهر مظفر آباد اينداسين. عمران خان آزاد ڪشمير کي ترقي ۽ ڪشمير کي آزادي طرف کڻي ويندو.
183