170

سنڌ ۾پوليس جا اختيار گهٽائڻ جو فيصلو، ننڍن ڪيسن ۾ جوابدار ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ گرفتار نه ٿيندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾پوليس جا اختيار گهٽائڻ جي فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن هيٺ هاڻي ننڍن ڪيسن ۾ جوابدار کي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ گرفتار نه ڪري سگهبو . سنڌ حڪومت پوليس رولز ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو ۽ پوليس رولز 26 ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي. ترميم جو مسودو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو، جنهن جي تحت سنگين ڏوهن کان سواءِ ٻين عام ڪيسن ۾ پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهندي ۽ ڪيس جي جاچ کان پوءِ جوابدار جي گرفتاري جو فيصلو ٿيندو. گرفتارين بابت پوليس جي اختيارن ۾ ترميم ڪئي وئي ۽ 10 کان وڌيڪ ڪيسن تي نامزد فرد جي گرفتاري نه ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته پوليس رول 26 ۾ ترميم سان غير ضروري گرفتارين جي حوصلا شڪني ٿيندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت قانون سازي ۾ هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تحت هاڻ هر ڪيس ۾ گرفتاري عمل ۾ نه آڻي سگهبي. هن چيو ته حڪومت سنڌ پوليس رولز ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو مسودو سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ اِها هڪ قانوني شق آهي جنهن جي تحت ايف آءِ آءِ داخل ٿيندي ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو هو پر هاڻ جيستائين ڏوهه ثابت نه ٿئي گرفتاري نه ٿيندي. بي گناهه ماڻهن جي گرفتارين مان جيلن ۽ عدليه تي بار پوندو آهي هاڻ سنڌ حڪومت ان شق کي محسوس ڪندي قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان تي پوليس اختيارين ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته ان ترميم جو مقصد ايف آءِ آر ۾ نالو داخل ٿيڻ سان ضروري ناهي ته نامزد شخص کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ جاچ پوليس آفيسر لاءِ لازمي آهي ته شاهدين جي بنيادن تي گرفتاري عمل ۾ آندي وڃي ۽ ڇا اهڙي شاهديون موجود آهن جو جنهن جي بنياد تي جوابدار کي گرفتار ڪري سگهجي ڇو ته ڪجهه ڪيسن ۾ جاچ آفيسر پنهنجي اعليٰ آفيسر کان منظوري کان پوءِ جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ آڻي سگهندا ۽ ڪيس جي جاچ کان پوءِ جوابدار جي گرفتاري جو فيصلو ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو