193

بيلوميرپور ۾ گاڏين مان ڦرلٽ، مقابلو، پوليس جو مددگار ڳوٺاڻو مارجي ويو، ھڪ ڄڻو زخمي

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد مان گذرندڙ سکر-ملتان موٽر وي ايم فائيو تي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات 10 کان وڌيڪ ھٿيار بندن طرفان موٽروي تي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کان ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن دوران موٽر وي تي قائم پوليس پڪٽ تي موجود پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو مقابلي دوران پوليس جي مدد ۾ آيل ڳوٺ ننڍو ڀٽو جو رھواسي ھاشم سيال مارجي ويو. جڏھن تہ ھڪ ڄڻو مسري ڀٽو زخمي ٿي پيو، مقابلي دوران ڪيترن ئي مسافر گاڏين کي نقصان پڻ پھتو جڏھن تہ ھڪ مسافر جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا آھن جنھن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي تہ ھن کي موٽر وي پوليس رحيم يار خان جي اسپتال کڻائي وئي، پوليس مقابلي بعد ڏوھاري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھن،  ڏوھارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي ۽ زخمي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو جتان مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو بہ ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو ايس ايس پي گھوٽڪي جي ترجمان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف پوليس آپريشن کان پوء ڏوھارين طرفان پوليس جو پريشر گھٽ ڪرائڻ لاء اھڙي قسم جي واردات ڪئي وئي آھي مقابلي دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ھڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو آھي موٽر وي تي سفر ڪندڙ ھڪ مسافر سوشل ميڊيا تي وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪئي جنھن ۾ ھو ٻڌائي ٿو ته موٽر وي تي چار کان پنج ھٿيار ہند مسافر گاڏين تي سڌي فائرنگ ڪري رھيا ھئا 10 کان وڌيڪ گاڏين تي نقصان پھتو آھي بس ۾ ويٺل ھڪ مسافر به زخمي ٿيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو