ڪوهستان/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪوهستان ۾ 9 چيني انجنيئرن جي موت واري واقعي سبب چيني ڪمپنيءَ داسو ڊيم تي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني چائنا گيزوبا طرفان پاڪستان حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 14 جولاءِ تي پيش ايندڙ واقعي جي ڪري ڪم نٿا ڪري سگهون. خط ۾ لکيو ويو آهي ته سمورن پاڪستان ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي پر سمورن ملامن جي گريجويٽي ۽ پگهار ادا ڪئي ويندي. داسو ڊيم جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر انوار الحق به چيني ڪمپني طرفان لکيل خط جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر انوار الحق چيو ته جيئن ئي سيڪيورٽي معاملا درست ٿيندا ته ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ٿي ويندو. ٻي پاسي وفاقي گهرو وزير جو چينين پبلڪ سيڪيورٽي جي وزير سان فون تي رابظو، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ شيخ رشيد کيس چينين جي حفاظت وڌيڪ سخت ڪئي ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته داسو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي، ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، چين جون 15 اختياريون جاچ لاءِ پاڪستان پهتل آهن، سيڪيورٽي ايجنسيز کي چيو ويو آهي ته چينين جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائي وڃي، هتي چيني شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جو فرض آهي، چين ۽ چيني پرڏيهي وزارت کي آن بورڊ ورتو ويو آهي، وزير اعظم پرڏيهي وزير شاهه محمود ۽ مون کي چين وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پاڪ چين دوستي لازوال آهي ان ۾ ڪو به فرق نٿو اچي سگهي، سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪيو ويندو.
