103

ڪرپٽ ليڊر ۽ پرڏيهه ۾پنهنجو پئسو رکندڙ قوم جي لاءِ بيهي نٿو سگهي:وزيراعظم

باغ آزاد ڪشمير(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ ليڊر ۽ پرڏيهه ۾پنهنجو پئسو رکندڙ قوم جي لاءِ بيهي نٿو سگهي. ڪوڙيون ٽيسٽون ڏيکاري لنڊن ڀڄي ويل بچي نه سگهندا،انصاف کانسواءِ ترقي نه ٿيندي، آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڇا ڪنهن برطانيا ۾ڏٺو آهي ته طاقتور کي پڪريو وڃي ۽ ان کي اها جرئت ٿئي ته هو اين آر او گهري؟خوشحال ملڪ ۾ائين ناهي ٿيندو، هن چيو ته جيلن ۾رڳو غريب ماڻهو آهن،طاقتور کي انصاف جو نظام نٿو پڪري سگهي،جتي قانون سڀني جي لاءِ برابر هجي اتي خوشحالي ايندي، ڪڏهن ائين ناهي ٿيندو ته ڪوڙيون ٽيسٽون ڏيکاريو ۽ اداڪاري ڏيکاريو،جوابدار لنڊن ڀڄي وڃي،انصاف نه ٿيندو ته قومون تباهه ٿينديون آهن، وزيراعظم وڌيڪ ته ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو،ظلم جو نٿو هلي سگهي،وڏا وڏا ڦورو اين آر او گهرن پيا،اهي چاهين ٿا ته سندن گناهه معاف ڪريان. هن چيو ته جيڪو پاڪستان ٺهڻ وڃي پيو،اسان ان غريب ملڪن جي مدد ڪنداسين، مديني جي رياست جو ماڊل تحريڪ انصاف اختيار ڪندي. پناهگاهن ۾ غريبن کي مفت کاڌو ڏنو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو