اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي چوٿين لهر جي شدت برقرار،وڌيڪ 39 ڄڻا فوت،2783 نون ڪيسن جي تصديق، رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 247 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2783 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي،جڏهن ته 39 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻئي طرف ڪورونا جي ٻي خوراڪ لڳائڻ جو مدو ختم،عيد جي موڪلن ۾رڳو هڪ ڏينهن ويڪسينيشن سينٽر بند رهندا. ٻئي طرف صحت کاتي ڪورونا وائرس جي ٻي خوراڪ لڳائيندڙن جي لاءِ مدو گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، سائنو فارم جي ٻي خوراڪ هاڻي 21 ڏينهن کانپوءِ لڳائي سگهجي ٿي. هوڏانهن اين سي او سي موجب عيد جي موڪلن ۾ رڳو صرف هڪ ڏينهن ويڪسينيشن سينٽر بند رهندا، فيصلي تحت رڳو عيد ڏهاڙي ويڪسينيشن سينٽر بند ڪيا ويندا. جڏهن ته ٻين ڏهاڙن ۾ ويڪسين ڪئي ويندي. هوڏانهن سنڌ حڪومت نئون حڪم نامو جاري ڪيو آهي، جنهن تحت مال پڙي ويندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسين ڪارڊ لازمي قرار،هوٽلن ۾ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪئي وئي آهي، نئين حڪم ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلن،ريسٽورنٽس ۽ مسافر بسن ۾داخلا ڪورونا ويڪسين سان مشروط هوندي،شادي هالن ۾آئوٽ ڊور تقريبن لاءِ ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي. هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 5 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 5702 ٿي ويو آهي جڏهن ته 15908 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1359 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو انگ 5702 تائين پهچي ويو آهي جيڪي 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 15908 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1359 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 8.5 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح جا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4776235 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 355445 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 90 سيڪڙو يعني 320215 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 389 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 29528 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 28487 گهرن ۾، 971 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 70 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 889 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 59 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 1359 نون ڪيسن مان 1051 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 367، ضلع سينٽرل 222، ضلع ڏکڻ 220، ڪورنگي 150، ملير 59 ۽ اولهه 33 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 61، سکر 33، ڄامشورو ۽ ٺٽو 24-24، شهيد بينظير آباد ۽ ڪشمور 17-17، سانگهڙ 15، سجاول ۽ ٿرپارڪر 14، بدين 13، مٽياري 10، عمرڪوٽ 8، خيرپور 7، نوشهرو فيروز 6، دادو 5، گهوٽڪي، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو محمد خان 2-2، لاڙڪاڻو ۽ ٽنڊوالهيار 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. مراد علي شاهه عوام تي زور ڏنو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
