178

عمران خان سدائين ڪوڙا واعدا ڪيا آهن،ڪشمير جو عوام سندس ڏٽن ۾نه ايندو:مريم نواز

ڊڊيال (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان سدائين ڪوڙا واعدا ڪيا آهن، ڪشمير جو عوام سندس ڏٽن ۾نه ايندو، ڊڊيال ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته گذريل ٽن سالن دوران عوام کي رڳو سبزباغ جون ڪهاڻيون ٻڌايون ويون،هاڻي ته مخالف به چون ٿا ته آزاد ڪشمير ن ليگ جو آهي، هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو نه ته وفاقي حڪومت کي سڃاڻن ٿا نه ورتي ڪنهن ووٽ چور کي سڃاڻين ٿا،چونڊن ۾کين رد ڪيو ويندو، مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو،سائيڪل تي چڙهي وزيراعظم هائوس وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، بجلي،گئس ۽ اٽو سستو نه ٿيو،مهانگائي غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،نواز  شريف کي عوام جي ڏک ۽ تڪليف جو احساس هو،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو