160

طالبان ۽ افغان حڪومت ۾جنگبندي،قيدين جي آزادي ۽ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ تي ڳالهيون

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ۽ افغان حڪومت ۾جنگبندي،قيدين جي آزادي ۽ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ تي ڳالهيون دوحه ۾ شروع ٿي ويون آهن، رپورٽ موجب دوحه ۾افغان حڪومت جي وفد جي قيادت عبدالله عبدالله ۽ طالبان وفد جي اڳواڻي ملا عبدالغني برادر ڪئي،اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي طالبان وفد جي سربراهه ملا عبدالغني برادر چيو ته عدم اعتماد جي خاتمي ۽ قوم جي اتحاد لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن،پنهنجن ذاتي مفادن کي نظرانداز ڪرڻو پوندو، جڏهن ته افغان سياسي وفد جي سربراهه عبدالله عبدالله ڳالهائيندي چيو ته سموريون ڪوششون جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل مستقبل تي هجڻ گهرجن،امن لاءِ ڌرين کي لچڪ ڏيکارڻي پوندي، اميد ته طالبان ڳالهين کي امن جي موقعي طور ڏسندا،وڌ کان وڌ علائقن تي قبضو ڪرڻ سان امن قائم نٿو ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو