165

بلاول پنهنجو واعدو پورو ڪندو، ترقي، بينظير۽ ڪشمير جو نشان تيرآهي:آصفه ڀٽو

ڪوهالا(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجو واعدو پورو ڪندو،ترقي،بينظير ۽ ڪشمير جو نشان تير آهي، تبديلي واري ۽ مودي کي ڪشمير مان ڀڄائينداسين، ڪشمير سان اسان جو رشتو ٽن نسلن کان آهي،محبت وراثت ۾ملي. جمهوريت لاءِ هميشه جانيون ڏنيون،ڪشميرين لاءِ به قرباني ڏينداسين،تير تي ٺپو هنيو وڃي، ڪوهالا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته ڪشمير سان اسان جو رشتو ٽن نسلن کان آهي،محبت ورهاست ۾ملي آهي،انهن سان گڏ آهيون ۽ گڏ بيٺل رهنداسين، هن چيو ته عوام 25 جولاءِ تي گهرن مان نڪري تير تي ٺپو هڻي ڪاميابي ڏياري،تير روزگار جو نشان ۽ ڪشمير جو نشان آهي،  آصفه ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمير جي حقن جي لاءِ اسان جي جان به حاضر آهي،ڪشمير جنت نذير آهي،ڪشمير بينظير آهي،عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته اسان هميشه ڪشميرين جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي،اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عوام جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪم ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو