اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي ۽ پيٽرول کانپوءِ ايل پي جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اوگرا ٽن ڏينهن ۾ايل پي جي قيمت ۾15 رپيا واڌ ڪري قيمت کي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيو.ايل پي جي انڊسٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب اوگرا نوٽيفڪيشن کانسواءِ ايل پي جي قيمت ۾ٽيون ڀيرو واڌ جي هيٽرڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، جولاءِ ۾160 رپيا ۽ هاڻي ٽن ڏينهن ۾قيمتن ۾ٽي ڀيرا واڌ ڪئي وئي،وري هڪ ڀيرو ٻيهر 5 رپيا في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ايل پي جي قيمت 175 رپيا في ڪلو ٿي وئي،گهريلو سلينڊر ۾50 رپيا ۽ ڪمرشل ۾200 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.
180