باغ (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته روڪي سگهو ته روڪيو،آزاد ڪشمير ۾عمران خان جي حڪومت ٺهندي، باغ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان جڏهن گڏيل قومن ۾ڳالهايو ته ماڻهو سمجهن پيا ته ڪشميري ڳالهائي رهيا آهن، هن چيو ته منهنجي رڳن ۾ڪشمير جو رت آهي،عمران خان جي لاءِ ووٽ گهرڻ آيو آهيان، مخالف ڌر وارا ان ڪري رڙيون ڪن ٿا ته عمران خان کين ڪرپشن ۾جهلي ورتو آهي، هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ 25 جولاءِ تي عمران خان جي ئي حڪومت ٺهندي.
