اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊي،غريب نه پر مافيا کي ڏني پئي وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته اٽي،کنڊ ۽ گيهه جي قيمتن ۾واڌ غريب عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ته غريب ماڻهو يوٽيلٽي اسٽورن تان به سامان جي خريداري نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته عيد کان اڳ عوام کي رليف ڏيڻ بدران مٿن مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي.
