210

مسجد الحرام ۾طواف القدوم جي شروعات،بيت الله ۾لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) مسجد الحرام ۾طواف القدوم جي شروعات ٿي وئي آهي، بيت الله ۾لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون بلند ٿي ويون آهن. رپورٽ موجب حج پانڌيئڙن جي قافلن جي مڪي شريف ۾آمد جي شروعات ٿي وئي آهي، مسجد الحرام ۾طواف القدوم جي سنت ادا ڪئي وئي، جڏهن ته بيت الله ۾ لبيڪ اللهم لبيڪ جي صدائن جي گونج رهي، هوڏانهن حج پانڌيئڙن کي کڻي وڃڻ لاءِ خاص بسن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو