178

شهادت حضرت امام محمد باقر عليه السلام

ليکڪ: دانش نبي بخش شر

عالم اسلام جي پنجين پيشوا، امام ابو جعفر، باقرالعلوم عليه السلام رجب المرجب مهيني جي پهرين تاريخ جمعي تي 57 هجري ۾ مديني منوره ۾ جنم ورتو، سندس نالو ”محمد“، ڪنيت ”ابوجعفر“ ۽ لقب ”باقرالعلوم“ يعني علمن کي کولڻ وارو رکيو ويو. تاريخ جي ڪتابن ۾ مشهور آهي ته پاڻ جڏهن پيدا ٿيا هئا ته سندن وجود جي چوڌاري هڪ نوراني دائرو جڙي ويو، نسب جي اعتبار کان پاڻ ٻن رخن کان حضرت رسول خدا (ص)، اميرالمؤمنين(ع) ۽ جناب سيده فاطمه زهرا (س) سان نسبت رکندڙ هئا، هڪ طرف سندن پيءُ امام زين العابدين(ع)، امام حسين(ع) جو فرزند هو جڏهن ته سندس امڙ سڳوري“ام عبدالله” وري  حضرت امام حسن مجتبيٰ (ع) جي نياڻي هئي. امام باقر عليه السلام جي عزت ۽ شهرت  هر هنڌ قائم هئي، جتي به علوين ۽ هاشمين جو ذڪر ٿيندو هو ته  آنحضرت کي ئي انهن جي قداست، شجاعت ۽ بزرگواريءَ جو وارث ڄاڻندا هئا، اهو ئي سبب هو جو لوڪ کيس علوي، هاشمي ۽ فاطمي ڪوٺيندو هو، حضرت رسول خدا صليٰ الله عليه و آله وسلم پنهنجي هڪ نهايت ئي پرهيزگار صحابيءَ نالي جابر بن عبدالله انصاري کي فرمايو ته ”اي جابر!  تون ايتري وڏي عمر ماڻيندين ايتريقدر جو منهنجي تڙ ڏوهٽي ”محمد“ بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب سان ملاقات ڪندين، جڏهن ان سان ملين ته کيس منهنجا سلام ڏجان“. آنحضرت جي ان فرمان مبارڪ بعد وقت گذرندو رهيو تان جو پاڻ ڪريم صليٰ الله عليه و آله وسلم رحلت فرمائي ويا ۽ جابر رضي الله وڏي عمر ماڻي هڪ ڀيري امام زين العابدين (ع) جي ديدار سانگي سندن حويلي تي آيو ان دؤران هن جي امام باقر (ع) سان ملاقات ٿي، تڏهن آنحضرت ننڍي عمر جا هئا. ان کان اڳ جابر کين کي نه ڏٺو هو. سندن نرالو انداز ڏسي جابر چوڻ لڳو ته ”ٿورو مون ڏي اچو. تنهن تي پاڻ ڏانهنس وڌيا، وري جابر عرض ڪيو ته ٿورو پوئتي هلي ڏيکاريو، ان تي پاڻ ٻٽي وکون پوئتي ويا. جابر امام باقر عليه السلام جي هلڻ جي ڍنگ ۽ جسماني وضع قطع جو مشاهدو ڪري چوڻ لڳو ته ”ڪعبي جي رب جو قسم! هي نينگر ته حضرت رسول خدا صليٰ الله عليه وآله وسلم جي مڪمل تصوير آهي“ اهي لفظ چئي حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪرڻ لڳو ته” هن نينگر جو تعارف ته ڪرائجو؟ پاڻ وراڻيائون ته اهو منهنجو پٽ محمد باقر آهي، جيڪو مون کان پوءِ خدا طرفان مسلم امت جو امام آهي. امام(ع) جا اهي لفظ ٻڌي جابر بن عبدالله انصاري اٿيو ۽ امام باقر (ع) کي جھڪي سلام ڪري چوڻ لڳو ته ”مان توهان تان صدقي“ اي رسول الله صليٰ الله عليه و آله وسلم جا ٻچڙا! پنهنجي ابي رسول خدا صليٰ الله عليه و آله وسلم جا سلام قبول فرمايو  جابر جا اهي لفظ ٻڌي امام باقر عليه السلام جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ فرمائڻ لڳا ته”درود ۽ سلام منهنجي ابي رسول خدا صليٰ الله عليه و آله وسلم تي، جيسيتائين هي زمين ۽ آسمان قائم آهن، اي جابر، جو پاڻ ڪريمن صليٰ الله عليه و آله وسلم جا سلام تو مون تائين پهچايا. امام باقر عليه السلام جو ڪوبه استاد نه هو۽ ڪنهن به انساني درسگاھ ۾ درس نه پڙهيا هئا، جابر بن عبدالله انصاري به سندن خدمت ۾ حاضر ٿي علم پرائيندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته ”اي باقرالعلوم! مان گواهي ٿو ڏيان ته تون  ننڍي عمر ۾ ئي خدائي علم سان سرشار آهين،  تاريخ ۾ ملي ٿو ته هڪ شامي شخص مديني ۾ رهندو هو ۽ امام(ع) جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو رهندو هو، امام عليه السلام کي چوندو هو ته ”منهنجي دل ۾ جيترو توهان ۽ توهان جي خاندان سان بغض ۽ ڪينو ڀريل آهي ايترو روءِ زمين تي ٻئي ڪنهن سان به نه آهي، منهنجو ايمان آهي ته مون لاءِ خدا، پيغمبر ۽ اميرالمؤمنين جي اطاعت ان ۾ آهي ته توهان سان دشمني ڪندو رهان، مان تو وٽ رڳو ان لاءِ ايندو آهيان جو تون ڀلو خطيب، اديب ۽ ڳالهائڻ ۾ مٺڙو آهين“. امام عليه السلام هن جي اهڙي سوچ تي هرگز ناراض نه ٿيا پر ساڻس خوش اسلوبيءَ سان پيش ايندا پئي رهيا ۽ مٺڙي لهجي ۾ ساڻس گفتگو پيا فرمائيندا هئا. اتفاق سان ڪجهھ عرصي کان پوءِ اهو شامي شخص بيمار ٿي پيو، جڏهن بچڻ جو آسرو لاهي ويٺو ته وصيت ڪندي چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن مري وڃان ته منهنجي جنازه نماز ابو جعفر (امام باقر) پڙهائي“.آڌي رات جو وفات ڪري ويو، پنهنجي جنهن عزيز کي وصيت ڪئي هئائين اهو وصيت تي عمل ڪرائڻ جي سانگي سان صبح جو سج اڀرڻ کان به اڳ مسجد ۾ آيو، ڏٺائين ته  امام باقر عليه السلام نماز مڪمل ڪري تعقيبات ۾ مصروف ويٺا آهن. جيئن ئي فارغ ٿيا ته سندن خدمت ۾ عرض ڪرڻ لڳو ته ”شامي شخص وفات ڪري ويو آهي، وصيت ڪئي هئا ئين ته سندس جنازه نماز توهان پڙهائجو“. امام(ع) فرمايو ته ”اهڙي ڳالهھ ناهي، اهو ناهي مئو جلدي نه ڪجو، جيتري تائين مان اچان“. امام(ع) اٿيا وري وضو ڪري ٻه رڪعتون نماز پڙهي دعا گهريائون. دعا بعد سجدي ۾ ويا۽ سج اڀرڻ تائين سجدي ۾ پيا رهيا، اتان فارغ ٿي شاميءَ جي گهر آيا ۽ سندس سيرانديءَ کان ويهي  سڏ ڪيائونس ته يڪدم جواب ڏنائين. امام(ع) کيس ديوار سان ٽيڪ ڏياري ويهاريو ۽ شربت گهرائي پياريائونس. پڻ مائٽن کي فرمايائون ته هن کي ڪا سرد تاثير واري خوراڪ کارايو“ اهو چئي امام(ع) پنهنجي گهر موٽي هليا ويا. ٿوري ئي وقت ۾ شامي چڱو ڀلو ٿي ويو. امام (ع) جي خدمت ۾ حاضر ٿي چوڻ لڳو ته”مان گواهي ٿو ڏيان ته توهان لوڪ تي خدا جي حجت آهيو،  امام عليه السلام جي درسگاھ ۾ لاتعداد شاگردن تربيت حاصل ڪئي جن مان  ابان بن تغلب به هڪ هو هن بزرگ ٽن امامن زين العابدين، امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق جي  زيارت جو شرف حاصل ڪيو پنهنجي زماني جي هڪ علمي شخصيت هو هن کي تفسير، حديث، فقه، قرائت ۽ لغت تي مڪمل عبور هو هن جو علمي مقام ايترو ته بلند هو جو امام باقر عليه السلام سندس متعلق فرمايو ته ”تون مديني جي مسجد ۾ ويهي ماڻهن لاءِ شرعي فتوائون بيان ڪر زراره بن اعين، ڪميت اسدي، محمد بن مسلم به سندس شاگرد هئا،  امام(ع) 7 ذي الحج 114 هجريءَ ۾ اموي حاڪم هشام بن عبدالملڪ جي حڪومت دوران زهر وسيلي شهيد ڪيا ويا. کين مديني شهر جي مشهور قبرستان“بقيع” ۾ امام حسن ۽ امام زين العابدين (ع) جي ڀر ۾ دفنايو ويو. کين  پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو