ليکڪ: انٽرنيشنل ميڊيا واچ
افغانستان ۾ طالبان جي وڌندڙ اڳڀرائي سبب سون جي تعداد ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار سرحد پار ڪري تاجڪستان ۽ ازبڪستان فرار ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن، مبصرين طالبان جي اقتدار تي ٻيهر قبضي جي امڪان کي رد نه پيا ڪن پر ان سان گڏوگڏ هو اهڙن خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن ته ٻيا هٿياربند ۽ انتهاپسند گروهه وچ ايشيائي رياستن ۾ پکڙجي سگهن ٿا. ڪيترن ئي مبصرين جو خيال آهي ته بين الافغان ڳالهيون بحال ٿيڻ جا امڪان نه هجڻ جي برابر آهن، باوجود ان جي ته گذريل سال آمريڪا ۽ طالبان افغانستان مان غير ملڪي فوج جي نيڪاليءَ واري هڪ ٺاهه تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، هنن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ طالبان جو اهو ٺاهه صرف ۽ صرف آمريڪي ۽ نيٽو فوج کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ ڪيو ويو هو، افغانستان جي سرحد سان ملندڙ وچ ايشيا جي 2 رياستن ترڪمانستان ۽ ازبڪستان طالبان سان سڌا رابطا قائم ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، تاجڪستان افغانستان جي ٽئين پاڙيسري رياست آهي، جنهن جي افغانستان سان 1344 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد باقي 2 ايشيائي رياستن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڏي سرحد آهي، اهو پوري خطي ۾ سڀ کان غير مستحڪم علائقو آهي ۽ اطلاعن مطابق طالبان ان پوري سرحد جي ڀرپاسي وارن افغان علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي. تاجڪستان جي صدر ايموملي رحمون 5 جولاءِ تي پنهنجي دفاع واري وزارت کي 20 هزار جي لڳ ڀڳ فوجين کي افغانستان جي سرحد تي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هڪ مقامي ويب سائيٽ اطلاع ڏنو آهي ته توقع آهي ته روس 7 هزار فوجي ۽ 100 ٽينڪون تاجڪ-افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ روانيون ڪري رهيو آهي، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو هو ته تاجڪستان ۾ موجود روس جي 201 فوجي اڏن تان پڻ دستا استعمال ڪري سگهجن ٿا. روس ۽ ان جا علائقائي اتحادي ان ڳالهه تي غور ڪري رهيا آهن ته تاجڪستان کي وڌيڪ فوجي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ روس جي سربراهي ۾ قائم اجتماعي سيڪيورٽي ٺاهه ۾ شامل ملڪن سي ايس ٽي او کان به مدد ورتي وڃي، گذريل مهيني ازبڪستان جي دفاع واري وزير بهادر ڪربانوف پنهنجي ملڪ جي ڏاکڻين حصن جو دورو ڪيو هو، جنهن جو مقصد انهن علائقن ۾ مقرر بحري ۽ فضائي فوج جي تيارين جو جائزو وٺڻ هو، ترڪمانستان جا عملدار به افغان سرحد تي فوجين جو تعداد وڌائي رهيا آهن، اطلاعن مطابق اهي واڌو ويڙهاڪ جهاز ۽ راڪيٽ لانچر سرحد تي لڳائي رهيا آهن، قازقستان جي نائب دفاع واري وزير تيمور ڊنڊي بايوف جولاءِ 9 تاريخ تي چيو هو ته ملڪ جي فوج پوري طرح چوڪس ۽ جنگ ڪرڻ جي حالت ۾ آهي، ڪرزغستان جي سيڪيورٽي سربراهه ڪماچيبڪ تاشيو به ويجهڙ ۾ چيو هو ته قومي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو ويو آهي، تاجڪستان ۽ ازبڪستان تازن هفتن ۾ افغانستان جي سيڪيورٽي فورسز جي سوين اهلڪارن پاران سرحد پار ڪري داخل ٿيڻ کانپوءِ درجنين واقعن جو اطلاع ڏنو آهي، تاجڪستان چيو آهي ته انهن سٺو پاڙيسري هجڻ ۽ انساني بنيادن تي انهن فوجين کي سرحد پار ڪرڻ کان نه روڪيو آهي، ازبڪستان ان جي ابتڙ چيو آهي ته هن ڀيري فوري طور تي سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي افغانستان واپس موڪليو ۽ هو ائين ڪندو رهيو، ازبڪستان جي پرڏيهي وزارت 28 جون تي چيو هو ته ازبڪ حڪومت غير جانبداري ۽ پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت واري پاليسي تي سختي سان ڪاربند آهي. ٻئي طرف ماهرن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان مان هٿياربند ۽ هٿين خالي مهاجرن جي وڏي تعداد ۾ آمد سان انهن ملڪن جي غير مستحڪم معاشي صورتحال تي منفي اثر پوندا، لکن جي تعداد ۾ ازبڪ ۽ تاجڪ نسل جا ماڻهو افغانستان جي اترين صوبن ۾ آباد آهن، مقامي صحافي اليگزينڊر خارلانڪو هڪ ويب سائيٽ تي لکيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ آباد ازبڪ ۽ تاجڪ ماڻهن جو 10 سيڪڙو حصو به جنگ کان جان بچائڻ لاءِ اتر جو رخ ڪري ٿو ته خطي ۾ عدم استحڪام وڌي ويندو ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو.ايشيا پلس نالي خابرو ايجنسي تاجڪستان جي هڪ مبصر رحمتلو عبدالوف جي حوالي سان لکيو آهي ته افغانستان جا ماڻهو عام طور تي ملڪ اندر ئي لڏپلاڻ ڪن ٿا ۽ انهن مان انتهائي گهٽ سرحد پار ڪري ٻين علائقن ۾ وڃڻ پسند ڪندا آهن. ماهرن جي اڪثريت ان راءِ سان اتفاق ڪري ٿي ته طالبان صرف ۽ صرف ڪابل تي قبضو ڪرڻ چاهين ۽ وچ ايشيائي رياستن لاءِ اهي ڪو خطرو نه آهن، آمريڪا ۾ موجود ازبڪستان واسي تجزيي نگار رفائل ستاروف چيو آهي ته ان تنظيم سان پيدا ٿيندڙ خطري جي سنگيني کي نه سمجهڻ بيوقوفي هوندي، ڪازڪستان جي مبصر ضمير ڪرازانوف خبردار ڪيو آهي ته طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان ٻين ملڪن ۾ حملن جو هڪ ذريعو بڻجي ويندو ۽ هڪ مقامي ماهر زومابڪ سرابڪوف لکيو آهي ته طالبان جي اچڻ سان منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ جيڪا اڳ ئي ڪافي ڳڻتي واري آهي ان ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي، ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته جلد ئي طالبان جي اڳڀرائي رڪجي ويندي ۽ اهي حڪومت سان ڳالهين جي ميز تي اچڻ ويندا. اليگزينڊر ڪنيازوف جو چوڻ آهي ته طالبان پاران ملڪ جي وسيع علائقن ۾ قبضي جي ڪري ڳالهين جي ميز تي سندن پوزيشن بهتر هوندي، روسي تجزيي ڪار آندري سرينڪوف جو چوڻ آهي ته هٿياربند عنصرن جي خطي ۾ داخل ٿيڻ سان ايترو خطرو نه آهي جيترو انتهاپسنداڻو نظريا پکڙجڻ سان آهي. هن چيو ته هڪ درجن يا 100 هٿياربند سرحد ۾ گهڙي آيا ته خطرو نه آهي، اهي پوءِ به مارجي سگهن ٿا، پر هٿيارن جي استعمال تي نظريي ۽ پروپئگنڊا کي روس ۽ وچ ايشيائي رياستن جي مقامي ٻولين ۾ پکڙجڻ کان روڪڻ ڪافي نه هوندو. ازبڪستان هميشه چيو آهي ته طالبان کي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ جي نئين صدر سخاوت مرزئيوف تحت تاشقند تازن سالن ۾ عالمي سطح تي خطي ۾ امن لاءِ ڪيل ڪوشش ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي مهينن کان ڳالهين کانپوءِ ازبڪستان قطر ۾ طالبان جي آفيس ۾ هڪ وفد جي آگسٽ 2018ع ۾ پهريون ڀيرو ميزباني به ڪئي هئي. ازبڪستان جي پرڏيهي وزير عبدالله عزيز ڪاملوف ان کانپوءِ طالبان سان قطر ۾ سندن آفيس ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون پڻ ڪيون آهن ۽ هن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل فيبروري ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل ٺاهه ۾ انهن جون ڪوششون به شامل آهن. تاجڪستان ۾ تحريڪ طالبان تي پابندي آهي ۽ دوشنبي ڪڏهن به ان کي سياسي طور تسليم ناهي ڪيو. تجزيي ڪار سعدي يوسفي چيو آهي ته هن ڀيري به ان ڳالهه جا امڪان گهٽ آهن ته افغانستان ۾ طالبان جو اسلامي امارات کي تسليم ڪري ۽ ان سان لاڳاپا رکي. طالبان خطي جي پاڙيسري ملڪن سان سياسي رابطا رکڻ جي ڪوششن ۾ آهن ۽ انهن تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ هلندڙ ويڙهه تي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڏنو هو. وچ ايشيائي رياستون قدرتي وسيلن مثال طور، گئس، تيل ۽ ڪوئلي سان مالا مال آهن، انهن ملڪن ۾ پن بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت به موجود وڏي پئماني تي موجود آهي ۽ اهي سمورا ملڪ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وڏي منڊي جي طور تي ڏسن ٿا، جتي هو وڏي مقدار ۾ پنهنجا قدرتي وسيلا موڪلي سگهن ٿا ۽ افغانستان ۾ امن لاءِ واپار ۽ معاشي موقعن جو هڪ وڏو دروازو کولي سگهن ٿا، ازبڪستان جو چوڻ آهي ته افغانستان کي وڏن وڏن ۾ منصوبن ۾ شامل ٿي وچ ايشيائي رياستن جو حصو بڻجڻ گهرجي، ازبڪستان 15 ڪروڙ ڊالرن واري شرڪوهه پل خمري بجلي لائين واري منصوبي تي عمل جو سوچي رهيو آهي ۽ ان لائين ذريعي افغانستان ۾ بجلي پهچائڻ وارو نظام علائقائي گرڊ سان جڙي ويندو. هلندڙ سال فيبروري ۾ ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون هيون، جيڪي افغانستان جي اترئين شهر مزار شريف کي ڪابل ذريعي، پشاور کي ريل جي پٽڙي سان ملائڻ لاءِ منصوبي بابت هيون، اهي ازبڪستان ۽ افغانستان جو کليل سمنڊن تائين رسائي ڏيڻ لاءِ به اهم منصوبو آهي. ڪرغستان ۽ ازبڪستان ڪاسا هڪ هزار منصوبي ۾ به دلچسپي رکن ٿا، بجلي جي هاءِ وولٽيج ٽرانسميشن لائين وڇائڻ جو هي 1.106 ارب ڊالر جو منصوبو افغانستان ۽ پاڪستان جي بجلي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ترڪمانستان به تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، جنهن ذريعي اهو افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا کي ساليانو 33 ارب مڪعب ميٽر قدرتي گئس وڪڻي سگهي ٿو. ان منصوبي کي محفوظ رکڻ جي حوالي سان ازبڪ ۽ ترڪمانستان جي حڪومتن کي ڳڻتي آهي ۽ انهن ملڪن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته طالبان طرفان ان بابت کين مڪمل حمايت ۽ خاطري حاصل آهي. پر ماهرن جو خيال آهي ته افغانستان ۾ تشدد جي تازي لهر ۽ عدم استحڪام سان اهي منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي سگهن ٿا. آمريڪا قازقستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان حڪومتن کي چيو آهي ته اهي عارضي طور 9 هزار افغان شهرين جن افغانستان ۾ غير ملڪي فوج لاءِ ڪم ڪيو کي پناهه فراهم ڪن، نور سلطان ۾ آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته واشنگٽن اسپيشل ويزا اميگريشن جون درخواستون ڏيندڙ ماڻهن ۽ ڪجهه ٻين افغان شهرين کي جن آمريڪا جي مدد ڪئي هئي، حفاظت لاءِ ملڪ مان ڪڍڻ چاهي ٿو. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن جو بار ميزبان ملڪ تي نه پوندو، قازقاستان جي هڪ مقامي تجزيي ڪار جو چوڻ هو ته ٻين لفظن ۾ آمريڪا جي حڪومت اها گارنٽي ڏيندي انهن 9000 افغان شهرين بابت مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي ۽ اهي خطي جي ملڪن لاءِ ڪو مسئلو نه بڻجندا پر ٻين ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته عارضي پناهه ڏيڻ سان ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو.